وبا جي پنجين لهر ۽ سرڪار جي ذميواري

حڪومتي اختيارين ملڪ ۾ ڪورونا جي  پنجين لهر جي تصديق ڪئي آهي. وفاقي  سطح تي ڪيل ان تصديق دوران ان وبا کي پکڙڻ کان روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.. ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير پڻ سنڌ ۾ ڪورونا جي  نئين  قسم جي پکڙڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، هڪ اندازي موجب ڪورونا جي چڪاس جي عمل کي وڌائڻ  جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ وبا جي پنجين لهر جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

گذريل ٻن اڍائي سالن کان هلندڙ وبا سموري دنيا جي معاشي گاڏي کي روڪي ڇڏيو آهي، جنهن  جا هر پاسي اثر نظر اچي رهيا آهن.اسان جي ملڪ توڙي صوبي سان به ساڳي صورتحال نظر اچي رهي آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙين وبائن جي اچڻ جو سبب انسان پاران هن ڌرتيءَ ۽ ان جي ماحول سان ڪيل ويڌن جو نتيجو آهي، انسان پنهنجي گهٽ سمجهه جي ڪري هن ڌرتيءَ جي وسيلن کي جنهن بي پرواهي سان استعمال ڪيو آهي، ان عمل هت جو توازن مڪمل طور بگاڙي ڇڏيو آهي، جنهنڪري اڄ اهڙي  معاملي کي منهن ڏئي رهيو آهي .

سموري دنيا ۾ ماحول جي تحفظ جي واسطي جوڳا ۽ اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي جيئن  هن دنيا ۾ ماحوليات جي بگاڙ کي روڪڻ  مدد ملي سگهي.ان ڏس ۾ ملڪ جي اختيارين  ۽ لاڳاپيل اداري،نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ملڪ ۾ ڪورونا جي پنجين لهر جي تصديق ڪندي .ان وبا  کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي،اين سي او سي جو اجلاس وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي، هن وبا جي تازي صورتحال تي ويچاريو ويو،،اين سي او سي جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪورونا جي پنجين لهر اومي ڪرون تيزي سان پکڙجي رهي آهي ۽ گذريل ٽن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي،اين سي او سي موجب ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2 سيڪڙو کان وڌي 6 سيڪڙو ٿي وئي آهي،صوبائي راڄڌاني  ۾ متاثر جو انگ 54 ٿي ويو آهي.

ٻئي پاسي سنڌ جي صوبائي حڪومت پڻ وبا جي تيزي سان وڌڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي،سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾  صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، صحت وارو پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو، قائم مقام چيف سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، صحت وارو سيڪريٽري ذوالفقار علي شاهه، انڊس اسپتال جي  ڊاڪٽرن  ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي،اجلاس ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته 30 ڏينهن ۾ 3 ڊسمبر 2021 کان 2 جنوري 2022 تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ وڌيو  آهي.اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل 3 ڊسمبر  تي سنڌ ۾ نون ڪيسن جو تعداد  261 هو. جيڪو هڪ مهيني جي اندر وڌي 2 جنوري 2022 تائين 403  تائين پهچي ويو. سنڌ جي وڏي وزير سنڌ ۾ ڪيسن جي وڌڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.وڏي وزير صحت کاتي جي وزير زور ڀريو ته صوبي ۾ ويڪسينيشن مهم شروع ڪئي وڃي ۽چڪاس جو عمل وڌايو وڃي.

سنڌ به ٻين علائقن جيان هن وبا کان متاثر ٿي رهي آهي، جنهن ڪري عوام ۾ پهرين لهر کانپوءِ پيدا ٿيندڙ خوف ذهن ۾ ويٺل آهي، پر ان ڀيري معاملو صرف ايئن مختلف آهي ته اڳي جيان ماڻهون ان کي ڪا اهڙي وبا نٿا سمجهن جنهن سان وڙهي نه سگهجي، بلڪه ڪيترن ئي حوالن سان سرڪار تي ان وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جيڪو بار ۽ ذميدار ي ٿئي ٿي ان جي لاءِ سرڪار ڪا به اهڙي قابل قبول حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي آهي. جنهن جو عوام کي ڪو اهڙو لاڀ ملي سگهي جنهن کي ڳڻيو وڃي.

غير معمولي حالتن ۾ حڪومت کي به غير معمولي قدم کڻڻ گهرجن، ان جي واسطي سرڪار کي سمور ن لاڳاپيل ادارن کي به متفق راءِ  ٿي ڪري منهن ڏيڻ گهرجي پر ماضي جو تجربو ٻڌائي ٿو ته هن ڀيري به سرڪار ان جي لاءِ ڪو اهڙو بندوبست ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي نظر نه پئي اچي.ڇاڪاڻ جو سرڪار رڳو پنهنجي نيڪ نيتي جي بنياد تي اهي سمورا ڪم نٿي ڪري سگهي. ان جي لاءِ سموري مشينري کي به سرگرم ڪرڻ، فعال ڪرڻ ۽ ڪم مان نتيجا وٺڻ جي ضرورت هوندي آهي. سنڌ ۾ انتظاميه جي مجموعي ڪارڪردگيءَ  تي هر دور تي سوال اٿندا رهيا آهن پر جڏهن حالتون هنگامي هجن ته ان جي لاءِ انتظام پڻ اهڙا ئي ڪرڻا پوندا آهن، جنهن ۾ کوٽ نظر آئي هئي، هاڻي پڻ اهڙي ئي پوزيشن ڏسڻ ۾ پئي اچي.

سنڌ جي عام ماڻهوءَ کي جيڪڏهن وبا جي  پهرين  لهر دوران باخبر ڪريون ها،  وبا کي منهن ڏيڻ جي  عوام لاءِ ڪا اثرائتي مهم هلايون ها ته ان جو بهتر نتيجو نڪري ها. ماڻهون ته اهو به سمجهن ٿا ته سرڪار اڳي به پنهنجي ڪارڪردگيءَ تي پردي رکڻ جي لاءِ تڪڙ ڪئي هئي، ٿي سگهي ٿو ته اهو مڪمل سچ نه هجي پر سرڪار جي رليف پروگرام مان به عام ماڻهوءَ کي ڪو گهڻو لاڀ نه مليو،جنهن جي دانهن نه ته ڪو ٻڌڻ وارو آهي ۽ نه ئي ان جو ڪو تدارڪ ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.

ڪورونا جي نئين قسم اومي ڪرون جي هن پنجين لهر  سموري دنيا کي وري هڪ ڀيرو پنهنجي گرفت ۾ وٺي ڇڏيو آهي، اسين به هن دنيا جو ئي حصو آهيون، مٿان وري هڪ اهڙي ملڪ ۽ معاشري جو حصو آهيون جتي نه ته ڪا مضبوط سرڪار آهي نه ئي وري ڪو مضبوط سماجي سرشتو آهي جو هن وبا کي اثرائتي نموني منهن ڏئي سگهي. اڳي جيان هي لهر به الله الله ڪري گذري ويندي.

اميد ته  سرڪار پراڻن تجربن مان سکي هوندي ۽ هن ڀيري ڪو اهڙو پروگرام جوڙيندي جنهن سان عام ماڻهون کي عملي سطح تي به فائدو پهچندو.

 

 

 

 

.

 

 

.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.