سيف ٻنوي: شاعر، استاد ۽ ڀٽائي جو پارکو

تحرير؛ڪامران سومرو

سيف ٻنوي پاڻ ٻڌائيندو هو ته هن 1962ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، تڏهن سنڌ ۾ تعليمي ادارا ڪي گهڻا نه هئا ۽ تعليم بهرحال هڪ ڏکيو مرحلو هوندو هو. 1962ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ کيس سيڪنڊري ٽيچر طور ملازمت پڻ ملي وئي. پنهنجي ملازمت دوران اڪثر ماڻهو بدلي ڪرائي پنهنجي ڳوٺ يا ان جي ڀرپاسي ايندا آهن پر سيف ٻنوي اهو شخص هو جنهن پنهنجي ڳوٺ ٻني مان بدلي ڪرائي، درياهه پار تاريخي شهر ”جهرڪ“ ۾ پنهنجي پوسٽنگ ڪرائي، جنهن کانپوءِ سندس بدلي ساڪري پڻ ٿي. سرڪاري ملازمن جي بدلي رواجي ڳالهه آهي پر سيف ٻنويءَ جي پنهنجي ڳوٺ مان بدلي ڪري ٻئي شهر ۾ وڃڻ بابت سندس چوڻ هو ته ٻني شهر جي دنيا محدود هئي، ٽرانسپورٽ جي سهولت بنهه گهٽ هئي، ان جي ڀيٽ ۾ جهرڪ شهر نيشنل هاءِ وي تي هئڻ ڪري اتان ٺٽي، حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ تائين وڃڻ آسان هو. تنهن ڪري هو جهرڪ ۾ بدلي ڪرائي آيو هو.

ڪچهري دوران پاڻ ٻڌائيندو هو ته، سندس والد کيس ننڍپڻ ۾ سنڌي لوڪ داستان جهڙوڪ سسئي پنهون، عمر مارئي جا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائيندو رهندو هو، جنهن کان متاثر ٿي، هن شاعري شروع ڪئي ۽ 1950ع دوران هن شاعريءَ طرف ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو هو. سندس بقول تڏهوڪي رسالن، روح رهاڻ ۽ بادل ۾ هن جي شاعري شايع ٿيندي رهندي هئي. ايئن هن جي شعر و ادب سان شناسائي ٿي.

جهرڪ ۾ رهڻ دوران ڀٽائي جي شاعريءَ ٻڌائڻ ۽ ان بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سان ڀٽائي کي وڌيڪ سمجهڻ ۽ پرکڻ جو موقعو مليو. سيف ٻنويءَ ٻڌايو هو ته هڪڙي ڀيري جڏهن هن وٽ ياد ڪيل بيت هڪ ڪچهري دوران کٽي/ختم ٿي ويا هئا ته ان کانپوءِ هن اسڪول جي لائبريري ۾ موجود شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا سمورا رسالا پنهنجي نالي تي جاري ڪرايا هئا ۽ ڀٽائي کي پڙهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان وچ ۾ هن کي سمورو رسالو حفظ ٿي ويو ۽ ان جي سُرن، سَرن جي پس منظرن، هم عصر شاعرن، ڀٽائي جي استعمال ڪيل لفظن، ان جي لهجن، رسالي ۾ ڪتب آيل ٻين ٻولين جي لفظن ۽ ان جي بنيادن کان آگاهي ملي. هن نه رڳو ڀٽائي کي پڙهيو پر ڪچي، ڪوهستان ۽ مختلف علائقن ۽ ڀاڱن جي پس منظر ۾ استعمال ڪيل لفطن، محاورن ۽ پهاڪن کي عملي طور پڻ پرکيو ۽ سمجهيو. ڀٽائي جي حوالي سان پاڻ نون پڙهندڙن کي علامه آءِ آءِ قاضي جي ترتيب ڏنل رسالي پڙهڻ جي صلاح ڏيندو هو.

هو اڪثر پنهنجن ٻن استادن سائين ساقيءَ سجاولي ۽ سائين حيدر علي لغاري جو ذڪر ڏاڍي ادب ۽ احترام سان ڪندو هو. هن جو چوڻ هو ته سندس شخصيت کي سنوارڻ ۾ انهن استادن جي محنت ۽ ڪردار شامل آهي. سيف ٻنويءَ جو حافظو تمام گهڻو تيز هو ۽ جنهن ڪري اڪثر شاعرن جا تمام وڏا ۽ ڊگها نظم کيس ياد هوندا هئا. ڀٽائيءَ، اياز، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، احمد فراز، فيض احمد فيض، غالب توڙي علامه اقبال جي ڳچ شاعري کيس چٽي طرح ياد هوندي هئي.

سندس اڪثر ويجهن دوستن جو چوڻ آهي ته هو اهڙن ماڻهن مان هو جيڪو محفل ڄمائي ڄاڻندو هو، بلڪه پنهنجي محفل پاڻ ڄمائي ڄاڻڻ جو به کيس وڏو ڪمال هو. بنا رنگ، نسل ۽ مذهب جي عام ماڻهو سان خوش اخلاقي سان پيش ايندو هو. هوشيار شاگرد هئڻ ڪري استادن جو وڌيڪ ڌيان رهندو هو. اهڙي طرح پاڻ به ڳچ عرصو استاد رهڻ ڪري بهترين طريقي سان پڙهائڻ توڙي سمجهائڻ جو ڪمال رکندو هو.

پاڻ سرڪاري ملازمت دوران هو تڏهوڪي شاگرد سياست کان به غافل نه هو، ابتدائي ڏينهن ۾ هو سائين جي ايم سيد سان گڏ هو، جڏهن سائين جي ايم سيد بزمِ صوفائي سنڌ جي پليٽ فارم تان سنڌ جي دوري تي نڪتو ته خاص طور تي سيف ٻنويءَ کي پاڻ سان گڏ رکيو هئائين. پاڻ ايوب خان جي دور ۾ شاگرد تحريڪ سان به گڏ رهيو، سنڌي ادبي سنگت جي مونوگرام منظور ڪندڙ اجلاس ۾ به شريڪ هو، ادبي سنگت جي تنظيم کي وڌائڻ ۽ سرگرم ڪرڻ ۾ به پاڻ پيش پيش هو.

سيف ٻنويءَ جي سياسي ۽ ادبي طور سرگرم رهڻ دوران هن کي انگريزي ٻوليءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ جو خيال آيو ۽ هن 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي جتي پڻ سياسي ۽ ادبي طور متحرڪ رهيو پر تعليم کي وڌيڪ جاري رکي نه سگهيو. 1974ع کان 1976ع تائين وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچي ۾ مينيجر طور ڪم ڪيو ۽ 1977ع ۾ شيخ عزيز صاحب جي ايڊيٽر شپ ۾ ڊيلي سنڌ نيوز حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم شروع ڪيو.

اهو جنرل ضياالحق جي مارشل لا جو دور هو ۽ ضيا، خلاف پهرين تحريڪ صحافين شروع ڪئي هئي ۽ ان جا مرڪز حيدرآباد ۽ لاهور هئا. سيف ٻنويءَ پڻ ان تحريڪ جو حصو رهيو هو. باقي زندگيءَ صحافي طور ڪم ڪندو رهيو، ڪراچي جي مختلف اخبارن ۾ مترجم، سب ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، کيس سنڌي، اردو۽ انگريزي ٻولين تي دسترس هئي. ان کانسواءِ فارسي ۽ عربي جي به ڪافي ڄاڻ هئي.

پاڻ 5 جنوري 2010ع تي ڪڊني سينٽر ڪراچي ۾ گردن فيل ٿيڻ ڪري گذاري ويو. انکان اڳ ايس آءِ يو ٽي مان به سندس علاج هلندو رهيو پر بي ترتيب مزاج سبب علاج ۽ چيڪ اپ ۾ به پاڻ ڪافي لاپرواهي ڪندو رهيو هو.

هن پنهنجي خواهش ۽ مرضي زندگيءَ مطابق گذاري ۽ شايد گهڻن وسيلن هوندي پڻ ڪيترائي ماڻهو اهڙي آزاد ۽ منشا موجب نه گهاري سگهندا آهن. سندس تدفين صوفياڻي راڳ ۽ ڪلام سان ڪئي وئي. جنهن لاءِ هن پنهنجي دوستن کي وصيت ڪئي هئي. هن کي ٻني ڀرسان سندس آخري ٿاڪ ”تيرهين“ ڀرسان دفنايو ويو آهي. صوفي مزاج هئڻ ڪري سيف ٻنويءَ ٻني ۾ هر مهيني جي ”چنڊ جي تيرهين“ تي ميڙاڪو ڪرائيندو هو، جتي راڳ رنگ ۽ لطيف خواني ٿيندي هئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.