اومي ڪرون وائرس جي واڌ جو خطرو

تحرير؛غلام حسين جوڻو

جيئن ئي ڪورونا وائرس جو ڊپ ۽ خوف ، ماڻهن جي دلين مان گهٽيو آهي ۽ دنيا جي ڪار وهنوار جو ڦيٿو ٻيهر هلڻ لڳو آهي. دنيا جي معيشت کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. تيئن ئي اومي ڪرون وائرس جو چوٻول ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. اهو وائرس پنهنجو ڪر مٿي کڻي پنهنجا ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ دنيا جو گشت ڪرڻ ۾ محو آهي. جيڪو “ڪورونا وائرس” کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. هي وائرس دنيا ۾ تيزي سان پکڙجندو پيو وڃي. اهو انسان ذات لاءِ موتمار ۽ تمام گهڻو خطرناڪ آهي. جنهن کان بچڻ لاءِ دنيا پنهنجي وس آهر ڪوششون ڪندي رهي ٿي . علم طب جي ماهرن طرفان اها هدايت ڪئي وئي وڃي ته احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ کان پاسو نه ڪيو وڃي. دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڄاڻايل وائرس کان محفوظ رهڻ لاءِ ، لاڪ ڊائون ڪرڻ تي به غور ڪري رهيا آهن. اڳ ۾ به لاڪ ڊائون ، جي ڪري معيشت تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي. جيڪڏهن ٻيهر لاڪ ڊائون ڪيو ويو ته ، وڌيڪ خسارو پيدا ٿيندو. جنهن جا معاشري تي خراب ۽ ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا ۽ غربت ۾ واڌارو ٿي سگهي ٿو.

ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ، اهو انڪشاف ٿيو هو ته ، ڪراچي شهر ۾ ، ڄاڻايل وائرس جو هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي. اهڙي تصديق صحت کاتي ڪئي آهي ته ان وائرس جي حملي ۾ هڪ عورت متاثر ٿي آهي. جنهن ڪري متاثر عورت جي رهائشي علائقي ۾ مائيڪرو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو به ٻڌو اٿئون ته ، ڪراچي جي ٻن علائقن سولجر بازار ۽ رحيم اپارٽمينٽ ۾ مائيڪرو لاڪ ڊائون ڪيو اٿن. هن علائقي ۾ ، ٻين به ڪيترن ئي ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا آهن ته جيئن انهن جي ٽيسٽ ڪري سگهجي ۽ شڪ جي صورت ۾ احتياطي تدبيرن سان گڏو گڏ ضروري علاج به ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ صحت کاتو متحرڪ ٿي ويو آهي ۽ ڪوششون جاري رکيو اچي ته جيئن بيان ڪيل وائرس جي پکيڙ کي روڪي سگهجي ۽ ماڻهن کي هن وبائي ۽ موتمار بيماري جي حملي کان بچائي سگهجي.

خير ڄاڻايل وائرس جي باري ۾ ڪوڙيون يا سچيون خبرون ٻڌندا رهون ٿا. ان بابت هر ماڻهو جو پنهنجو خيال ۽ موقوف آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته ، حڪومت ، ان وائرس جي آڙ ۾ پنهنجي سياست کي چمڪائڻ گهري ٿي. ڪي وري ايئن چون ٿا ته ، بيروني ملڪن کان چندو وٺڻ جو هڪ بهانو بنايو اٿن. ڪن جو چوڻ بلڪل مختلف آهي. هو ، ان وائرس جي موجودگي جا انڪاري آهن. ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونه آهن. مذهبي انتها پسند شخصيتن جو چوڻ آهي ته ، اهو وائرس هڪ عذاب آهي. اسان جي بد اعمالن جو نتيجو آهي. الله تعاليٰ شال ، ان پڪڙ مان نجات ۽ ڇوٽڪارو ڏيئي. مطلب ته هر، ماڻهو پنهنجي الڳ راءِ رکي ٿو. جيترا آهن وات اوتريون ئي ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن. جڏهن ته دنيا جا سائنسدان ، طب جا ماهر ، ان خطرناڪ وائرس جي باري ۾ ڪافي ڪجهه ٻڌائي چڪا آهن ۽ انديشن ، خطرن ۽ نقصانن کان آگاهه ڪيو اٿن. ڪيترائي ويڄ ۽ حڪيم به ، وائرس جو انڪار ڪونه ٿا ڪن ته ڪي حڪيم ، ان وائرس کي بلڪل ڪونه ٿا مڃين ۽ هڪ سياسي ۽ ڍونگ قرار ڏيئي رهيا آهن. بهرحال اصل حقيقت جي ڪا به خبر ڪونه آهي. عوام کي به گمراهه ڪيو پيو وڃي.

هاڻي، اوچتو هڪ ٻئي خبر نظر مان گذري. جنهن موجب ، پاڪستان ۾ اومي ڪرون ڪيس وڌڻ سبب ، فيبروري ۾ ، عالمي وبا جي پنجين لهر اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. چيو پيو وڃي ته هن وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ اچي رهي آهي. ايندڙ ٻن هفتن ۾ سڄي ملڪ ۾ ان جا ڪيس ظاهر ٿي سگهن ٿا. ان باري ۾ صحت کاتي خبردار ڪري ڇڏيو آهي. اهي به اطلاع آهن ته ، فيبروري جي وچ ۾ ڪورونا جا ٽن کان چئن هزارن تائين نوان ڪيس روزانو سامهون اچي سگهن ٿا. ياد رهي ته ، پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڏکڻ آفريڪا جي قسم اومي ڪرونا جا پنجهتر ڪيس ظاهر ٿيڻ جي ڪري صحت کاتي جي ماهرن ، ان وائرس جي پنجين لهر اچڻ جا خدشا ظاهر ڪيا آهن. اها لهر خطرناڪ ۽ نقصانڪار ٻڌائي پئي وڃي. اختيارين اهو به ٻڌايو آهي ته ، جن ماڻهن اينٽي وائرس وئڪسين لڳرائي آهي اهي گهڻي قدر اومي ڪرون جي حملي کان محفوظ رهي سگهن ٿا. تنهن هوندي به ، انهن لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ضروري آهن ته جيئن وائرس جي حملي کان بچاءَ  ٿي سگهي.

معلوم ٿيو آهي ته ، پنجاب سرڪار جي صوبائي وزير ، اسلم اقبال به ڄاڻايل وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. جنهن ڪري هو ، پنهنجي گهر اندر قرنطينه ٿي ويو آهي. سموريون سرگرميون ۽ مصروفيتون ترڪ ڪري ڇڏيون اٿس. هن وقت پنجاب ۾ اهو وائرس تيزي سان وڌي پيو. خاص ڪري لاهور ۾ ، خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويو آهي ۽ نئون ويرينٽ اومي ڪرون تيزي سان پکڙجڻ لڳو آهي.

صحت کاتي موجب پوري پنجاب ۾ ،پنجاهه ڪيس ظاهر ٿيا آهن جن مان اوڻونجاهه (49) ڪيس لاهور شهر ۾ ٿيا آهن. پنجاب حڪومت جي صحت واري سيڪريٽري مسٽر عمران بلوچ اهو چيو آهي ته ، اومي ڪرون وائرس جي تصديق انتهائي ڏکي آهي ۽ پي سي آر تيسٽ ذريعي به هن جي تصديق ڪري نه ٿي سگهجي. البته جديد طريقن سان تصديق ڪري سگهجي ٿي. سا به ، بروقت خبر ڪونه ٿي پوي. اها ٽن ڏينهن کان پوءِ خبر پوندي ۽ ٽيسٽ جي رزلٽ سامهون ايندي. بهرحال پنجاب صوبي ۾ ، ان وائرس جي ڪري ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.