سياسي ايوانن ۾ وڌندڙ گرمي

تحرير؛حاڪم نصيراڻي

واءُ سواءُ

مصر جي سونهن جي هاڪ پوري دنيا ۾ پکڙيل آھي۔ اڄ کان لڳ ڀڳ پنجويھه سال اڳ مصر جي سونهن جي ڪجهھ جهلڪ فيفي عبدو نالي هڪ ناچڻي ۾ به نظر ايندي هئي۔ فيفي پنهنجي سونهن ۽ رقص جي ڪري پوري ملڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪياڻي هئي ۔ سندس هڪ فون تي سڄو ملڪ ٿرٿلي ۾ اچي ويندو هو۔ سياسي شخصيتن کان وٺي آفيسر شاهي سندس سونهن جا تعبيدار هوندا هئا۔ هڪ رات ملڪ جي مشھور بار ۾ فيفي ويٺي ويٺي تمام گهڻو شراب پي وئي گهڻي شراب واپرائڻ ڪري پنهنجو هوش وڃائي ويٺي ۽ عجيب عجيب حرڪتون ڪرڻ لڳي ڪڏهن هن سان ڪڏهن هن سان وڙھڻ شروع ڪيو سندس اهڙيون ڪريل حرڪتون ڏسي وي آءِ پيز جي حفاظت تي مامور  پوليس آفيسر نهايت ئي مهذب انداز سان کيس سمجهائيندي چيو ته ميڊم اوهان شراب گهڻو پيتو آھي اوهان پنهنجي مت وڃائي ڇڏي آھي اوهان کي اهڙيون حرڪتون زيب نه ٿيون ڏين سو مهرباني ڪري سڪون سان ويهي رهو يا گهر وڃي آرام ڪيو۔ فيفي کي پوليس آفيسر جي مداخلت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي سو جذبات ۾ اچي پوليس جي بالا آفيسر کي شڪايت ڪري کيس ڪنهن ڏورانهن علائقي ڏانهن بدلي ڪرائي ڇڏي۔ صبح جو هوش ۾ اچڻ کان پوءِ فيفي ساڳي بار ۾ آئي ۽ ان پوليس آفيسر بابت پڇڻ لڳي۔ بار جي عملي کيس ٻڌايو ميڊم اوهان جي فون کان پوءِ ان پوليس آفيسر کي هتان بدلي ڪيو ويو آھي۔ فيفي پنهنجي ان عمل تي پشيمان ٿي ڇو ته اهو پوليس آفيسر پنهنجي شرافت ۽ بهترين رويي ڪري سڄي بار ۾ مشھور هو بار ۾ ايندڙ ويندڙ خاص ماڻھو کيس تمام گهڻو پسند ڪندا هئا۔ فيفي پنهنجي عمل تي پڇتائڻ لڳي ۽ ان ساڳي بالا آفيسر کي فون ڪري ان پوليس آفيسر جي بار ۾ بدلي ڪرائي ڇڏي پر ان پوليس آفيسر نوڪري ڪرڻ بدران نوڪري تان استعيفيٰٰ ڏيئي ڇڏي۔ بالا آفيسر استعيفيٰٰ جو ڪارڻ پڇيو ته ماڻھو ان بار ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ سفارشون ڪرائيندا آھن ۽ تون خوش ٿيڻ بدران نوڪري تان استعيفيٰٰ ڏيئي رهيو آھين۔ ان پوليس واري پنهنجي بالا آفيسر کي هڪ تاريخي جملو چيو سائين ”جنهن ملڪ ۾ مقرريون ۽ بدليون هڪ رقاصه جي چوڻ تي ٿين ان ملڪ ۾ نوڪري ڪرڻ کان بهتر آھي ماڻھو بک وگهي مري وڃي۔“

بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ به  مخصوص طبقي جو تمام وڏو اثر آھن، مقرريون بدليون ايتري تائين جو اهم فيصلا به فونن تي ڪيا ويندا آھن۔ اهڙيون ڪيتريون ئي آڊيوز ۽ ويڊيوز منظرعام تي اچي چڪيون آھن جن ۾ خاص ماڻھو طرفان هدايتون ڏنيون وڃن ٿيون۔ اهڙن آڊيو ويڊيوز جي سچائي ثابت ڪرڻ جو ٺيڪو تاريخ کي ڏجي ٿو۔ تاريخ پاڻ ثابت ڪندي ته انهن ۾ سچائي هئي يا نسورو ڪوڙ هو۔

گذريل ڏهن سالن کان وٺي اليڪشن ڪميشن ۾ پاڪستان جي تاريخ جي باقائده سپريم ڪورٽ مان سند يافته صادق و امين اڳواڻ جي پارٽي تحريڪ انصاف خلاف پنهنجي ئي بنيادي ميمبر سيد اڪبر فارن فنڊنگ ۾ مبينا مالي گهوٻين جو ڪيس ڪيو هو۔ ڪيترن سالن جي جستجو کان پوءِ نيٺ اسڪروٽني ڪاميٽي تمام وڏي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ان ڪيس بابت پنهنجي هڪ رپورٽ ٺاهي اليڪشن ڪميشن حوالي ڪري ڇڏي آھي۔ فارن فنڊنگ ڪيس جي پيش ڪيل رپورٽ مطابق صادق امين اخلاقيات جي تمام وڏي مظھر عمران خان صاحب جي پارٽي 31 ڪروڙ روپيا لڪائي ڇڏيا جنهن جو حساب ڪتاب ۽ رسيدون لڪائڻ ڪاڻ ڪڏهن ملڪ جي مقدس عدليه جي جهل ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪڏهن ماهر  وڪيل تبديل ڪري ڪيس کي اينگهائڻ لاءِ ھٿ پير هڻندي رهي .

نيٺ اهو وقت اچي ويو جنهن جو قوم کي تمام گهڻو انتظار هيو ڇو ته پنج ڇھه مهينا اڳ مون لکيو هو فارن فنڊنگ ڪيس هڪ اهڙو ڪنڊو آھي جيڪو عمران خان جي نڙي ۾ ڪنهن وقت به  اٽڪي سگهي ٿو جيئن نوڪدار ڪنڊا يوسف رضا کي خط نه لکڻ ۽ نواز شريف کي پٽ کان ڏيڍ لک پگهار نه وٺڻ جي صورت ۾ اٽڪيا هئا۔ اسٽيٽ بينڪ جي بينڪ اسٽيٽمنٽ ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل دستاويزن ۾ فرق صاف صاف ظاهر ڪيو ويو آھي۔ اوهان سڀني کي ياد هوندو نواز شريف کي ڏيڍ لک پگهار نه وٺڻ تي ثاقب نثار جهڙي جج صاحب ڪوڙو قرار ڏيئي تاحيات نااهل قرار ڏنو هو هتي ته 31 ڪروڙ جي ڳالھه آھي ڪٿي ڏيڍ لک ڪٿي 31 ڪروڙ؟

اليڪشن ڪميشن ۽ تحريڪ انصاف ۾ هلندڙ جهيڙي کان پوءِ هن ڪيس هڪ ڊرامائي صورت اختيار ڪري ورتي آھي جيڪڏهن فيصلو تحريڪ انصاف خلاف اچي ٿو ته فواد چوڌري حسان خاور فرخ حبيب شبلي فراز مليڪه صداقت عباسي جهڙا جوڌا جوان ميڊيا سامهون اليڪشن ڪميشن کي متعصب ثابت ڪرڻ جي خوب ڪوشش ڪندا ۽ قوم کي اهو ٻڌائيندا ته اليڪٽرڪ ووٽنگ مشين واري مسئلي تي اليڪشن ڪميشن سان اسان جو ڦڏو هلندڙ هو۔ اليڪشن ڪميشن مخالف ڌر سان ملي تحريڪ انصاف سان تاريخي ناانصافي ڪئي۔ جيڪڏهن فيصلو تحريڪ انصاف جي حق ۾ اچي ويو ته ڪا وڏي ڳالھه نه هوندي ڇو ته اهڙا فيصلا ٿيڻ ڪا نئين ڳالھه ناهي۔  ڏسو ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي ڇو ته راهي منزل طرف روان دوان ٿي چڪا آھن بس منزل تي پهچڻ جي دير آھي۔

نئون ڏينهن حڪومت لاءِ نوان مسئلا کڻي نڪري ٿو مسئلن کي سلجهائڻ وارا هن وقت پاڻ گهڻا الجهي ويا آھن۔  ملڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آھي۔ مهانگائي، آءِ ايم ايف جا شرط، نئين چيف آف آرمي اسٽاف جو اعلان، نواز شريف جي واپسيءَ هي اهي مسئلا آھن جن سڀني کي منجهائي وڌو آھي۔ نواز شريف جي واپسي واري ڳالهين کان پوءِ صاف سياسي آسمان تي ڪڪر ڪهي آيا آھن۔ ڏسندا وڃو ته اهي ڪڪر وڏ ڦڙو وسائن ٿا يا ائين هلڪي بوندا باندي ڪندي ڇڙ وڇڙ ٿي وڃن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.