سنڌ جي تعليم جي بدحالي!

تحرير؛نسيما عباسي

يٺ ته ٿيندو صبح

سنڌ جي تعليمي بدحالي ڪنھن کان ڍڪيل ڇپيل ناھي۔ سرڪاري اسڪولن ۾ سھولتن جي اڻ ھوند سدائين سواليه

نشان اٿاريندي رھي آھي۔ تعليمي ادارن ۾ بنيادي ضرورتن جي پورائي ڪرڻ واري بجيٽ پنھنجي منظوري کان وٺي فراھمي ۽ ڪٽوتي تائين سرڪاري ادارن جي ناقص ڪارڪردگي کي ظاھر ڪندي رھي آھي۔ اھڙي بحراني صورتحال ۾ تعليمي ادران ۾ بنيادي ضرورتون پوريون ٿيڻ جون دعائون ته گھري سگھجن ٿيون پر خواھشون نه ٿيون رکي سگھجن۔ ساڳي تناظر ۾ سنڌ جي اڻ ڳڻيل اسڪولن جي عمارتن ۾ قبضا مافيا فردن طرفان اوطاقون ۽ گُدام ٺاھيا ويا آھن۔ اسڪولن تي قبضا ڪرڻ وارا عمل نه رڳو افسوس جوڳي آھن۔ بلڪه سنڌ جي تعليمي شعور کي مستقبل جي حوالي سان اونداھو ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن۔ ڇو ته قبضا مافيا بااثر ماڻھن جو تعلق اھڙن خطن جي نھايت ئي سگھارن ماڻھن سان جڙيل ھوندو آھي۔ جنھن کان اسڪول خالي ڪرائڻ ناممڪن ته نه! پر تمام گھڻو مشڪل ضرور ھوندو آھي.

جيڪڏھن تاريخي تناظر ۾ اسان سنڌ جي ان تعليمي صورتحال جي بدحاليءَ جو جائزو وٺئون ته خبر پوندي تعليم جي اھا تباھي چئن اٺن سالن جي ڳالھه ناھي، بلڪه اھا تباھي 80 جي ڏھاڪي کان وٺي ھڪ منظم سازش تحت ادارن ۾ آندي وئي ھئي۔ ان دؤر ۾ من پسند ۽ نا اھل استادن جون ڀرتيون سياسي پارٽين پنھنجن ووٽرن کي خوش ڪرڻ لاءِ ھزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ ورھايون ھُيون۔ جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو مستقبل ۾ اڳتي ھلي ڪاپي ڪلچر کي نئون فروغ مليو.

 ان کان پوءِ پرويز مشرف صاحب پنھنجي سياسي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ھڪ ھڪ ڳوٺ ۾ بنا ضرورت جي ٽي ٽي چار چار اسڪول ٺھرائي ڇڏيا جيڪي اڳتي ھلي وڏيرن ۽ ڪامورن جي اوطاقن ۽ ان جي گُدامن ۾ تبديل ٿيندا ويا۔ اسڪول ھلن نه ھلن پر ڪيترن ئي اسڪولن کي بجيٽ جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو۔ اسڪولن جي قبضي سان گڏوگڏ سالياني ملندڙ بجيٽ جي صورت ۾ ايندڙ مفت جو پئسو ڀلا ڪنھن کي برو لڳندو؟ نتيجو اھو نڪتو جو سالن جا سال اھڙا گوسٽ اسڪول ڪاغذن ۾ ڪم ڪندا رھيا۔ ۽ تعليمي ڪرسي کي سنڀالڻ وارا وزير تبديل ٿيندا رھيا۔ پر تعليم جي ڪارڪردگي ۾ ڪا تبديلي ڪونه اچي سگھي۔ بلڪه ڏينھون ڏينھن حالتون خرابي طرف ھلنديون رھيون۔ بھتري جي اميد تڏھن نظر آئي جڏھن سائين سردار شاھ  پنھنجي پوئين دؤرِ اقتدار ۾  تعليم جو قلم دان سنڀاليو ۽ پنھنجي اڪيلي ۽ نازن پلي ڌيءُ کي اھو چئي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ته جيستائين منسٽرن جا ٻار پرائيويٽ اسڪولن کي ڇڏي سرڪاري اسڪولن ۾ نه پڙھندا تيستائين سرڪاري اسڪولن جي ڪارڪردگي بھتري طرف ڪونه ايندي۔ ھُن پنھنجي ڀائٽن کي به سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرايو۔ سائين سردار شاھ جي ان عمل کي تمام گھڻو ساراھيو ويو۔

بيشڪ! سائين سردار شاھ پنھنجي وقت ۾ چند اھڙا ڪم ضرور ڪيا جن کي ڏسي تعليم جي شعبي ۾ بھتري جي ڪجهھ اميد جاڳي۔ ھُن اين ٽي ايس ۾ پاس استادن کي ريگيولر ڪرڻ کان وٺي شاگردن جي وظيفن کي وڌائڻ سميت ڪيترائي اھڙا قابل قدر ڪم ڪيا جن جي کلي دل سان ساراھ ڪري سگھجي ٿي۔ ھن جي وقت ۾ استادن جون بي حساب بدليون به ڪيون ويون۔ جن کي گھڻن ماڻھن بي سبب ۽ بي فائده قرار ڏنو۔ بھرحال افسوس تڏھن ٿيو جڏھن سائين جي ورتل تڪڙن عملن جو به تعليمي ادارن ۾ ڪو مثبت نتيجو نه نڪتو۔ اوچتو خبر پئي ته ھُن کان تعليمي منسٽري واپس ورتي ويئي آھي۔

    ان سڄي صورتحال مان اھو ظاھر ٿي پيو ته اسان جي تعليمي نظام ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪا اھڙي خرابي ضرور حائل آھي۔ جيڪا بھتري جي راھ ۾  تمام  وڏي رڪاوٽ بڻيل آھي۔ سائين سردار شاھ ٻيھر تعليم جو منسٽر ٿيو آھي۔ تعليمي نظام ۾ بھتري اچڻ جون ستل اميدون وري به جاڳي پيون آھن۔ ڪجھه ڏينھن اڳ ڪنھن سنڌي چئنل تي اھا خبر ھلي ته سنڌ حڪومت صوبي جا ٽي ھزار چار سئو ٻائتاليھه غير فعال اسڪول بند ڪندي۔ انھن جي سموري ڊيٽا بند ڪري ڇڏي آھي۔

اھا خبر ٻڌي جتي تڪليف ٿي اتي ساڳي مھل اھا خوشي به ٿي ته ھاڻي انھن ھزارن جي تعداد ۾ بند پيل اسڪولن جو بجيٽ بچي پوندو جيڪو فعال اسڪولن جون گُھرجون پوريون ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي سگھندو۔ پر سوال اھو آھي ته ڇا ائين ٿي سگھندو؟ يقينً اھو سوال پنھنجي نوعيت جو وڏو سوال آھي۔ ماضي جي تناظر ۾ جيڪڏھن ان سوال جا پيرا کڻي جائزو وٺئون ته اسان کي نه صرف مايوسي پلئه پوندي بلڪه اھو به سمجھه اچي ويندو ته اھڙن عملن سان شال ئي فعال ادارن ۾ بنيادي سھولتن جي تناظر ۾ ڪا مثبت تبديلي اچي سگھي۔ شايد ٿيڻ ته اھو گھرجي ھا ته اھڙن غير فعال اسڪولن کي فعال بڻائڻ لاءِ انھن خطن جي پڙھيل لکيل لائق ماڻھن کي اڳتي آڻڻ لاءِ ھنن کي روزگار جا موقعا فراھم ڪري ڏنا وڃن ھا۔ ان صورت ۾ غير فعال اسڪولن جي ھلڻ جو امڪان پيدا ٿي پوي ھا۔ موجوده صورتحال ۾ غير متحرڪ اسڪولن جي ڀلي سموري ڊيٽا مٽائي وڃي پر قبضه مافيا کان اسڪولن جون اھي عمارتون ڪيئن خالي ڪرايون وينديون؟ جن جي ڊيٽا ئي ڊليٽ ڪئي وئي آھي۔

مسئلو اھو آھي ته اسان وٽ جيڪو به ماڻھون مختلف ادارن جي فلاح، بھبود ۽ بقاءَ لاءِ پنھنجي اقتداري ڪرسين جي واڳ سنڀالي ٿو۔ اھو سڀ کان پھريان ان جو جائزو وٺي ٿو ته ان ڪرسي تي جيڪا ھن کي ڪيترين ڏکيائن کان پوءِ ملي آھي۔ نه ڄاڻ ڪيترو عرصو رھي۔ سو ان محدود عرصي ۾ ھو جيڪي فيصلا وٺي ٿو سي شارٽ ٽرم بينيفٽ ڏيڻ وارا ھجن ٿا۔ طويل عرصي جي حڪمت عملي ۽ عوامي مفادن واري رٿابندي ھُن جي شارٽ ٽرم پاليسين جو مقصد بڻجي ڪونه ٿي سگھي۔ نتيجي ۾ ھو پنھنجي ڪرسي بچائڻ سان گڏو گڏ اھي اپاءَ وٺڻ کي ترجيح ڏي ٿو۔ جنھن جي ڪري ڪار ۾ رھي ھن جي ڪرسي جو ڀرم به رھندو اچي ۽ ڪرسي جي دائري ڪار ۾ ايندڙ ڪمن جي پروگريس نئين انداز ۾ ظاھر ٿيندي رھي۔ حقيقي انداز ۾ ڀلي ان اداري جي ڀينگ ٿيندي رھي۔ بھرحال ان ۾ ايترو قصور ڪرسين تي ويٺل انھن ماڻھن جو به ڪونھي۔ ڇو ته اھا انھن کي ئي خبر ھوندي ته انھن اھڙين ڪرسين تي ويھڻ جي ڪيتري قيمت چڪائي ھوندي۔ بھرڪيف انھن سڀني ڳالھين جي قطع نظر  پوءِ به اھڙين ڪرسين جون واڳون سنڀالڻ وارن ماڻھن کي پنھنجون ڪرسيون بچائڻ جو بلو ڪرڻ سان گڏوگڏ عوامي مفاد سان سلھاڙيل ڪي چند ڪم ضرور ڪرڻ گھرجن.

 منھنجي خيال ۾ غير فعال اسڪول بند ڪرڻ جي بدران انھن اسڪولن کي فعال بڻائڻ لاءِ انھن علائقن جي قابل ماڻھن کي ترجيحي بنيادن تي اسڪولن کي سنڀالڻ جو ڪم ڏيئي انھن ماڻھن کي برسرروزگار ڪري سگھجي پيو۔ جنھن سان غير متحرڪ اسڪولن جي متحرڪ ٿيڻ جي اميد جاڳي پوي ھا۔ ساڳي تناظر ۾ تعليم سان لاڳاپيل اسان سڀني ذميدار فردن کي پڻ پنھنجن پنھنجن روين تي خود احتسابي نظر ضرور وجھڻ گھرجي۔ ڇو ته ادارن جي تباھي جي ذميداريءَ جو ڏوھ صرف انتظاميه تي مڙھي نه ٿو سگھجي۔ ان ۾ ھر اھو لاڳاپيل ماڻھون شريڪ آھي۔ ڀلي اھو استاد جي صورت ۾ ھجي، شاگرد جي صورت ۾ ھجي يا والدين جي صورت ۾ ئي ڇو نه ھجي۔ انتظاميه سان گڏو گڏ ھر ھڪ واسطيدار فرد کي پنھنجي پنهنجي انفرادي رويي جو جائزو وٺڻ گھرجي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.