سياسي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل سال 2022ع

تحرير؛عاصمه شيرازي

دري کان ٻاهر ڪوهيڙو هو ۽ اندر وسوسو، نئون سال ڪهڙو هوندو ؟ نئون سال اچي ويو، پراڻي روش نه وئي، انگ بدلجي ويا پر حالتون اهي ئي، تحرير بدلجي وئي پر صفحا اهي ئي ، ڪوهيڙو ئي ڪوهيڙو، معاشي، سياسي حالتن تي به، عوام جي ذهنن تي به،

نه ته ڪجهه نظر پيو اچي نه ئي سمجهه پيو اچي، تجزئي ڪندڙ. دور انديش، معامله فهم ۽ حالتن تي نظر رکندڙ سڀئي هڪ خاص حد کان اڳيان نه پيا ڏسي سگهن،يا جيڪو نظر پيو اچي ان جي اظهار ڪرڻ ۾ بي وس آهن، ٻه هزار ايڪيهه جيئن تيئن ڪري گذري ويو پر نئون سال ڪهڙو هوندو، معيشيت ڪهڙي هوندي؟ ايڪيهه جي پڄاڻي هڪ مني بجيٽ،اسٽيٽ بينڪ جي متعلق قانون سازي،معاشي ادارن جي خود مختياري تي سوال اڀاري ڇڏيا آهن، ان جا اثر ڪهڙا  هوندا ؟

معاشي صورتحال کي سمجهڻ جي لاءِ ڪنهن خاص عينڪ جي ضرورت آهي نه ئي وري دورانديشي جي، البره جن تان گذري رهي آهي، اهو عوام سمجهي چڪو آهي، نئين سال جا جلوا ايندڙ ڏکيائن جو ڏس ڏين پيا.

سياست جو ميدان چٽو آهي يا نه جيتوڻيڪ موسمياتي تجزيا ڪندڙ ان باري ۾”سڀ ٺيڪ آهي“ جي رپورٽ ڏين پيا، جڏهن ته هاڻي آسمان مينهوڳي وارو آهي ۽ حالتون موافق نه آهن. سياسي بيان بازي پنهنجي جاءِ تي پر اپوزيشن جو لڳ ڀڳ سموريون جماعتون رابطي ۾ آهن، هڪڙي پاسي طوفان جي ورچڙهيل اصل والي وارث ۽ ٻئي پاسي بيانئي جي زور تي  بيٺل جماعتون. اعتماد ۾ کوٽ ۽ ڪجهه شرط حتمي نتيجن جي رستي رڪاوٽ آهن، جنهن جو فائدو بهرحال حڪومت جي بقا  جي شڪل ۾ موجود آهي.

صورتحال ان کان مختلف به ٿي سگهي ٿي.معاشي صورتحال ڪنهن جي لاءِ به موافق ناهي، تنهڪري ذميداري وٺڻ ۾ گهٻراهٽ به آهي ۽ ان کانسوءِ ڪيترا ٻيا مسئلا به،

اهو ئي سبب آهي جو بظاهر  سياسي طور تي مستحڪم حڪومت غير مستحڪم آهي، ظاهري طور تي غير فعال گورننس ڪنهن ٻئي آپريشن کي پڻ غير فعال بڻائي رهي آهي،سو اهڙي صورت ۾ ڪير جوڙيندو حڪومت، ٻئي سوال اهم آهن،

ڪجهه ڏينهن کان سانڍي جيان رنگ بدلائيندڙ تجزيا ڪار جيڪي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پنهنجي اڳوڻي بيانيئي کان هٽي ويا هئا هڪ ڀيرو ٻيهر ٻه هزار ارڙهن جي پوزيشن تي واپس ويندي نظر اچي رهيا آهن. هن ڀيري نظام جي ناڪامي جون خبرون ڏيئي رهيا آهن.

آمريت جي لڪيل سوچ بهرحال اهو پڇڻ کان روڪي رهي آهي ته 40 سال جي سڌي آمريت جڏهن ته 30 سالن جي غير اعلانيه حڪمراني پاڪستا کي ڇا ڏنو آهي ؟

هن وقت سياست جو محور مارچ ۾ امڪاني غير سياسي مقررين جي چوڌاري ڦري رهيو آهي.اهو ئي سبب آهي، هڪ صفحي جا ترجمان پنهنجي موقف ۾ منجهيل آهن،

اهي خدشا امڪانن جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻيل انهن سببن جا آهن جيڪي وزيراعظم جي هٿ ۾ آهن ڪنهن ٻئي وٽ ناهي.بهرحال پارلياماڻي جمهوريت ۾ فوج جي سپهه سالار جي مقرري جو مڪمل اختيار وزيراعظم وٽ آهي ۽ اِهو ئي اهو گُر آهي جيڪو هن کي بااختيار بڻائي ٿو.

اسان جي بدقسمتي جو اهڙيون مقرريون پاڪستان جي تقدير جو تعين ڪنديون آهن، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ اهو اختيار وزيراعظم استعمال ڪندو يا ڪو ٻيو …ان معاملي تي ڪجهه به لکڻ وقت کان اڳ آهي.

اهم حڪومتي حلقن جي طرفان واضح اشارا ملي رهيا آهن ته هڪ ته مني بجيٽ ڳٺ جوڙ سان منظور ٿي ويندي، جڏهن ته حڪومت مارچ کان اڳ مشڪلات جو شڪار ٿي سگهي ٿي.اپوزيشن نه به چاهي جيڪڏهن ”مٿين“فيصلو ڪري ورتو ته اهو ممڪن ٿي ويندو.حڪومت کي اپوزيشن مان خطرو ته ناهي البته ”جهانگير ترين “ گروپ جي وڌندڙ تعداد مان خطرو ضرور آهي.بهرحال اپوزيشن بلوچستان حڪومت جيان وفاق ۾ به ”خاموش انقلاب“ جو ساٿ ڏئي سگهي ٿي. ها ايندڙ هڪڙو سال سنڀاليندو ڪير ان باري ۾ مونجهارو موجود آهي، يا ايئن چئجي اتي به اڃان ڪوهيڙو  ڇانئيل آهي.نوازشريف جي وطن واپسي به ملين ڊالر  جو سوال آهي.زرداري صاحب کانپوءِ ان جي واپسي جو سوال مولانا به ورجايو آهي، تنهنڪري هاڻي پ پ ۽ جي يو آءِ (ف) ان حد تائين هڪ صفحي تي اچي ويو آهي.

هوڏانهن ميان صاحب جي واپسي بنا ”قومي ۽ بين الاقوامي “ ضمانت جي نظر نٿي اچي. تنهنڪري حالتن جي رحم ۽ ڪرم تي معجزن جي منتظر پاڪستان جو عوام پنهنجي ۽ ملڪ جي ڌنڌلي مستقبل  جي چٽي ٿيڻ جي لاءِ دعا ڪندا رهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.