ايندڙ ٽي مهينا اهم آهن، مڪاني بل خلاف ڌرڻو هڻنداسين: صدرالدين شاهه

سکر/ڪراچي(رپورٽر) سکر ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي جي صدارت هيٺ بلدياتي چونڊن جي سلسلي ۾ اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم، ايم پي اي ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ، علي غلام نظاماڻي، وريام فقير ، قاضي شمس الدين راڄڙ، سيد غضنفر علي شاهه، خضر حيات منڱريو، فقير غلام نبي منڱريو، بئريسٽر ارشد شر، مسرور چاچا، ڊاڪٽر پيارو خان ڦلپوٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي،سيد صدرالدين شاهه راشدي چيو جيڪڏهن پاڪستان پيپلزپارٽي بل واپس واپس نه ورتو ته پوءِ ٻيو رستو اختيار ڪنداسين. پي ايم ايل فنڪشنل جي ترجمان پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب پير صدرالدين شاهه راشدي چيو ته عام چونڊون ايترو جلدي ممڪن نه آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون مهانگائي گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪن. هن چيو ته بل جي شڪل ۾ بلدياتي ترميمي بل اسيمبلي ۾ پيش ڪنداسين. هن چيو ته بلدياتي ترميمي بل خلاف پريس ڪلب جي سامهون به ڌرڻو هڻنداسين، ايندڙ ٽي مهينا تمام اهم آهن،ڪجهه به ٿي سگهي ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.