پاڪستان چوٿون مهانگو ملڪ ٿي ويو، عمران معافي وٺي: شازيا مري

لاهور ( م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان شازيا عطا مري چيو آهي ته پاڪستان چوٿون مهانگو ملڪ بڻجي ويو، جنهن تي عمران کي معافي وٺڻ گهرجي. فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيا مري چيو ته حڪمران مافيا آهن. هي ڪورونا فيڊ جا پئسا به کائي ويا. هن چيو ته فارن فنڊنگ جي 77 اڪائونٽن مان صرف 12 جا تفصيل ٻڌايا ويا. هن چيو ته هي تبديلي نه پر تباهي آهي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته رمضان ۽ عيد وانگر خيبر پختونخوا ۾ تبديلي جو چنڊ به نظر اچي ويو آهي. هن چيو ته جمهوري طريقي سان ان هائوس تبديلي لاءِ زور ڏيڻ گهرجي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.