جماعت اسلامي ايم ڪيو ايم جهڙي سياست کان پاسو ڪري: سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته جماعت اسلامي سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم واري سياست نه ڪري. جماعت اسلامي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي کي ورهائڻ ۽ نفرت جي سياست ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو نه بڻجڻ گهرجي. هن چيو ته مڪاني ادارن واري نظام تي اعتراضن جي آڙ ۾ عوام جي جذبن سان کيڏڻ خطرناڪ آهي. سعيد غني چيو ته سنڌ حڪومت 2013ع واري لوڪل گورنمينٽ سسٽم کي بهتر ڪيو، پراپرٽي ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو اختيار لوڪل گورنمينٽ ڪائونسلن کي ڏنو ويو آهي، پهريون ڀيرو معذورن ۽ خواتين لاءِ مخصوص سيٽون رکيون ويون آهن. هن چيو ته پوليس، صحت ۽ تعليم سميت 10 صوبائي کاتن کي مڪاني ادارن جي نمائندن آڏو جوابده بڻايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.