سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل پٺاڻ جي مقرري معطل

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سيدحسن اظهر رضوي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل پٺاڻ جي مقرري جو نوٽيفڪشن معطل ڪري ڇڏيو آهي، آغا سهيل پٺاڻ جي مقرري خلاف پرويز احمد بلوچ پاران درخواست داخل ڪرائي وئي هئي، درخواستگذار جي وڪيل ضمير گهمرو چيو ته پرويز بلوچ کي مئي 2021 ۾ سنڌ ڪابينا ٽن سالن لاءِ چيئرمين مقرر ڪيو هو، چيف سيڪريٽري مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي آغا سهيل کي نئون چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو آهي، سنڌ حڪومت پهرين جنوري تي آغا سهيل پٺاڻ کي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو نئون چيئرمين مقرر ڪيو جنهن جو نوٽيفڪشن معطل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.