ڪي ڊي اي آفيسرن خلاف اختيارن جي غلط استعمال بابت فيصلو محفوظ

ڪراچي (رپورٽر)اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ ڪي ڊي اي جي آفيسرن خلاف اختيارن جو غير قانوني استعمال واري ڪيس ۾ جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڪي ڊي اي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عاطف علي جي ضمانت واري درخواست تي ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اڄ ٻڌايو ويندو، ان دوران سرڪاري وڪيل چيو ته جوابدار معطلي کان پوءِ دستاويز تي صحيح ڪئي، جڏهن ته جوابدار جي وڪيل شمس اسلام چيو ته آفيسرن جي گرفتاري جي لاءِ دستاويز پيش ڪيا ويا آهن ان تي چيف سيڪريٽري جي دستخط نه آهي، جيڪو ليٽر 29 ڊسمبر تي چيف سيڪريٽري جي نالي تي ڪڍيو ويو جڏهن ته چيف سيڪريٽري 27 ڊسمبر کان پرڏيهي ۾ آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.