ڪراچي ۾ تقريب، شهيد قاسم سليماني کي ڀيٽا پيش

ڪراچي (رپورٽر) خانه فرهنگ اسلامي جمهوريه ايران ڪراچي جي انتظام هيٺ “اسلامو فوبيا سان مقابلي لاءِ اسلامي دنيا جو اتحاد” جي موضوع تي هڪ شاندار ڪانفرنس ڪراچي ۾ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ايران مان آيل يڪجهتي مسالڪ اسلامي بابت عالمي اداري جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر حميد شهرياري، اسلامي جمهوريه ايران جي قونصل جنرل نوريان، خانه فرهنگ اسلامي جمهوريه ايران جي ڊائريڪٽر ڪامران پزشڪي، مولانا صاحبزاده ابوالخير زبير، اسد الله ڀٽو ۽ مذهبي ۽ سياسي جماعتن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.حجت الاسلام ولمسلمين ڊاڪٽر حميد شهرياري ان تقريب ۾ مهمان خصوصي طور شريڪ ٿيو. خانه فرهنگ اسلامي جمهوريه ايران جي سربراهه پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اڄ شهيد  قاسم سليماني ۽ ابو مهدي المهندس جي شهادت جي ٻي ورسي آهي جنهن تي اسان کيس دل جي گهرائين سان خراج عقيد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سردار شهيد قاسم سليماني عالمي سامراج خلاف جهاد جو بهترين نمونو هو. اسد ڀٽو جنرل مجاهد شهيد سليماني سميت شهداءِ اسلام کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته آمريڪا ۽ اسان جي مغربي اتحادين جي متعصبانه رويي خلاف مسلمانن کي متحد ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر حميد شهرياري چيو ته دشمن اسلامي اتحاد جي تشڪيل سان خوفزده آهي ان لاءِ اهي مسلمانن کي تقسيم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن.  مجلس خبرگان جي ميمبر نذير احمد اسلامي چيو ته اسلامو فوبيا مسلمانن جي خلاف ڪو نئون مسئلو ناهي پر اسلام جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ پيغمبر اسلام (ص) جي دور ۾ مشرڪين ۽ يهودين طرفان دعوت حق کي روڪڻ لاءِ ان تي عمل ڪيو ويندو رهيو آهي. اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پيغمبر اسلام انصار ۽ مهاجرين وچ ۾ اخوت ۽ ڀائيچارو قائم ڪيو هو.

  • ڪراچي شيرشاهه ۾ اهلڪار دستي بم  حملي ۾ زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي شير شاهه ٿاڻي جي حد ۾ ماڙيپوڙ روڊ تي نامعلوم موٽرسائيڪل سوارن پاران پوليس اهلڪار مٿان دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا واقعي بعد بم ڊسپوزل عملو، ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون  زخمي پوليس اهلڪار کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمي پوليس اهلڪار بيان ڏيندي چيو ته نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ماڻهن پاران منهنجي طرف ڪا شيء اڇلائي اوندهه هئڻ ڪري خبر نه پئي ته مان جئين ئي ويجهو ويس ڏسڻ لاءِ ته ڦاٽي پيو

  • قانون تي عمل نه ڪندڙ اين جي اوز جا لائسنس رد ڪيا ويندا: ساجد جوکيو

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ جي سماجي ڀلائي واري وزير محمد ساجد جوکيو چيو ته جنهن به اين جي او کي لائسنس ڏنو وڃي ٿو ان جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي، جيڪڏهن اين جي اوز قانون تي عمل نه ڪندي ته ان جو لائسنس رد ڪري سگهجي ٿو. ڪالهه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو جي صدارت هيٺ سنڌ دارالاطفال سپروائيز اينڊ ڪنٽرول بورڊ جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ سيڪريٽري سوشل ويلفيئر عبدالوحيد شيخ، ڊائريڪٽر جنرل سوشل ويلفيئر سيف الله ابڙو، ايم پي اي ندا کهڙو، ايم پي اي رابعه اظفر، ايم پي اي شميم ممتاز، فوڪل پرسن سينيئر سٽيزن سنڌ انيس فاطمه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هن چيو ته مٽياري ۾ دارالاطفال سينٽر تعمير ڪيو پيو وڃي جيڪو جلد مڪمل ڪيو ويندو ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ به دارالاطفال سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن. اسان سڀني جي ڪوشش آهي ته دارالطفال سينٽرن کي بهتر بڻايو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي تمام سٺو ڪم ڪري رهي آهي. شيلٽر هوم ٺاهيا پيا وڃن جتي ٻارن جي سنڀال ڪئي ويندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.