راڻي پور ۾لڱ ڪانڊاريندڙ حادثو ، مسافر ڪوچ اونڌي 5 ڄڻا فوت، 25 کان مسافر زخمي

راڻي پور(رپورٽ : عامر مهيسر) راڻي پور ٽول پلازا ڀرسان گڏيجي قومي شاھراهه تي پشاور کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏھن ته ٿڏي تي ئي 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوتين ۽ زخمين کي موٽروي پوليس ۽ ڳوٺاڻن راڻيپور رورل ھيلٿ سينٽر پهچايو جتي ڊاڪٽر جو عملو گهٽ ھئڻ سان گڏوگڏ دوائن جو نه ھجڻ ڪري زخمي تڙپندا رھيا، جڏھن ته زخمين کي طبي مدد ڏيڻ بعد فوري طور تي گمبٽ جي گمس اسپتال منتقل ڪيو جتي 2 ڄڻا وڌيڪ فوت ٿي ويا. جڏھن ته فوتي ۽ زخمين ۾ ماھنور، آمنا، نورين، ڪوثر، ڪشف، عابده، رحيم باجاڙو، عبدالله، عرفان ۽ احسان پٺاڻ، ڪليم ۽ ٻيا شامل ھئا. راڻي پور رورل ھيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽر عملو نه ھئڻ ڪري سندن جي جڳهھ تي ڪمپائوڊر ڊاڪٽرن وارا فرض سرانجام ڏيندا رھيا. ان موقعي تي زخمين ٻڌايو ته حادثو تيز رفتاري ۽ اورٽيگ جي ڪري ٿيو آھي.، جڏھن ته فوتين جا مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. وارث مڙھ اباڻي علائقن ڏانهن کڻي روانا ٿي ويا جتي سندن جي آخري رسمون ادا ڪيون وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.