گورنر عمران اسماعيل جي ڀائيٽي کي ڪتي ڏاڙهي وڌو

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي 14 سالن جي ڀائيٽي کي ڪتي ڏاڙهي وڌو. ذريعن موجب سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي ڀاءُ عدنان اسماعيل جي 14 سالن جي پٽ کي ڪتي ڏاڙهي وڌو. ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪتي جي ڏاڙهڻ جو واقعو ڊفينس ۾ عدنان اسماعيل جي رهائشگاهه تي پيش آيو. ذريعن موجب عدنان اسماعيل چيو آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ گهمندو رهيو پر ڪٿي به ڪتي جي ڏاڙهڻ جي ويڪسين نه ملي سگهي، عدنان اسماعيل موجب خانگي اسپتال مان پٽ کي ڪتي جي ڏاڙهڻ جي ويڪسين لڳرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.