پي ٽي آءِ 31 ڪروڙ ۽ 53 اڪائونٽ ڳجها رکيا: اسڪروٽني ڪميٽي/ن ليگ ۽ پ پ سميت سڀني جي فنڊنگ سامهون آڻيو: تحريڪ انصاف

اسلام آباد ( م ڊ)  پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ پاران 53 بئنڪ اڪائونٽ ۽ 31 ڪروڙ جي رقم لڪائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ 12 بينڪ اڪائونٽ ظاهر ڪيا، 53 بينڪ اڪائونٽ لڪائڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي. اهڙي طرح پي ٽي آءِ 31 ڪروڙن کان وڌيڪ رقم اليڪشن ڪميشن وٽ ظاهر ناهي ڪئي.  پاڪستان تحريڪ انصاف جي فنڊنگ ڪيس بابت اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ 12 بئنڪ اڪائونٽ ظاهر ڪيا جڏهن ته 53 پارٽي بينڪ اڪائونٽ ظاهر ئي نه ڪيا.اسٽيٽ بئنڪ جي رڪارڊ ۾ انڪشاف ٿيو ته پي ٽي آءِ جا 65 بئنڪ اڪائونٽ آهن ۽ 2008،9 ۽ 2012،13 ع ۾ پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن آڏو هڪ ارب 33 ڪروڙ رپين جا عطيا ظاهر ڪيا. اسڪروٽني ۾ هي ڳالهه به سامهون آئي ته عطين بابت به غلط معلومات ٻڌائي وئي. اسٽيٽ بئنڪ موجب پي ٽي آءِ هڪ ارب 64 ڪروڙ رپين جا عطيا وصول ڪيا پر 31 ڪروڙن جي رقم اليڪشن ڪميشن ۾ ظاهر نه ڪئي. اسڪروٽني ڪميٽي موجب ڪيناڊا ۽ نيوزيلينڊ جي اڪائونٽن تائين پهچ نه ڏني وئي ۽ ظاهر نه ڪيل فنڊن بابت اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي. پي ٽي آءِ 2008ع جي ٻن بئنڪ کاتن جي اڪائونٽن کي ظاهر نه ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جو ڪيش رسيدون بئنڪ اسٽيٽمنٽ سان مطابقت نه ٿيون رکن. رپورٽ موجب پي ٽي آءِ کي يورپي ملڪ ۽ وچ اوڀر جي ملڪن کان سواءِ آمريڪا، ڪيناڊا، برطانيا، جاپان، سنگاپور، هانگ ڪانگ، سوئٽزر لينڊ، نيدر لينڊ ، نيوزيلينڊ ۽ فن لينڊ کان فنڊ مليا. اسڪروٽني ڪميٽي موجب پي ٽي آءِ سميت ڌرين مڪمل تفصيل تائين رسائي لاءِ سهڪار نه ڪيو، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن جي اجازت سان اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين بئنڪن کان 2009 کان 2013ع جي رڪارڊ تائين پهچ ملي. 03

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي جي فائنڊنگ ۾ اها ڳالهه ظاهر ٿي وئي ته تحريڪ انصاف جي فنڊنگ شفاف آهي، تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو ٻيهر ڪامياب ٿي، طئي ٿي ويو ته فارن فنڊنگ جو ڪو معاملو ناهي.مملڪتي وزير فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته اسان چاهيون ٿا سڀني جماعتن جي فنڊنگ کي سامهون آندو وڃي، نواز شڙيف ن ليگ جو اڪائونٽ مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو، ن ليگ جي اڪائونٽ ۾ 8 ڪروڙ رپيا وجهرائي ڪڍرايا ويا، چاهيون ٿا ته اليڪشن ڪميشن پ پ ۽ ن ليگ جي اڪائونٽن جي به اسڪروٽني ڪري. هن چيو ته ٻين جماعتن ۾ فنڊنگ وڏيرن ۽ ڪاروباري ماڻهن سان هلندي آهي، اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيندڙ رپورٽ پي ٽي آءِ حڪومت کان اڳ جي آهي. ان موقعي تي فرخ حبيب چيو ته ماهرن موجب ن ليگ جا 9 اڪائونٽ اهڙا آهن، جيڪي اليڪشن ڪميشن کي نه ٻڌايا ويا، انهن ۾ ڪروڙين رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي، پ پ 2013 ۾ 9 اڪائونٽ، 2014 ۾ 11 ۽ 2015 ۾ 10 اڪائونٽ لڪايا. سندس چوڻ هو ته پ پ وٽ 34 ڪروڙن جي عطين جو ڪو رڪارڊ ناهي، قانون موجب ڪا سياسي جماعت ڪنهن ٻي جماعت کي فنڊ نٿي ڏئي سگهي پر پ پ، پ پ پارليامينٽيرينز ۽ پارليامينٽيرينز، پ پ جا خرچ کنيا هئا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.