5 سال اڳ کنڀيل بلاگرن کي پرڏيهه اماڻڻ لاءِ ”طاقت“ ۽ مذهب جو استعمال

اسلام آباد( م ڊ) پنج سال اڳ کنڀيل بلاگرن کي مذهبي توهين جو الزام هڻي پرڏيهه وڃڻ تي مجبور ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. بي بي سي موجب سلمان حيدر، احمد وقاص، عاصم سعيد، احمد رضا نصير ۽ ثمر عباس کنڀجڻ کان آزادي بعد پرڏيهه اماڻيا ويا. انهن جي کنڀجڻ بعد ۽ آزادي کان اڳ سندن خلاف توهين مذهب جي ايف آءِ آر ڪٽجي وئي. ان سلسلي ۾ بي بي سي موجب سلمان حيدر چيو ته پاڪستان کان ٻاهر وڃڻ جو فيصلو آسان نه هو، منهنجو پٽ نفسياتي مسئلن جو شڪار آهي. توهين مذهب جو معاملو اهڙو آهي جو هر وقت تلوار ٽنگيل هجي ٿي، ڪنهن وقت به ڪنڌ تي ڪري سگهي ٿي. احمد وقاص کنڀجڻ کان ٻه مهينا اڳ هالينڊ مان آيو هو، هن کي آزادي بعد پتو پيو ته کيس 10 منٽن ۾ گهر ڇڏڻو آهي. هن چيو ته والد کي فون ڪيو ته مان آزاد ٿي ويو آهيان ته هن  چيو گهر نه اچجان . صرف ماءُ سان ملي 10 منٽن اندر گهر ڇڏي آيس. احمد وقاص چيو ته سندس پرڏيهه وڃڻ کان پوءِ ڀاءُ جو نالو بليڪ لسٽ ڪيو ويو. هڪ ٻئي عزيز کي نوڪري مان ڪڍيو ويو. والدين کي چيو ويو ته اسان مولوين کي ٻڌائينداسين ته اوهان وقاص جا والدين آهيو، اهي اوهان جو سڀ ڪجهه ساڙي ڇڏيندا. عاصم سعيد چيو ته آزادي بعد گهر پهتس ته مون کي وڌيل ڏاڙهي ۽ وار ڪٽرائڻ کان روڪيو ويو. اسان جا خاندان هراساني جو شڪار رهيا. عاصم سعيد چيو ته سندس پرڏيهه وڃڻ بعد ٻه سرڪاري اهلڪار هر ٻئي هفتي يا مهيني بعد چڪر لڳائي چيڪ ڪرڻ ايندا هئا ۽ والد کان پڇندا هئا ته اوهان جو پٽ ٺيڪ آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.