سمورن پريس ڪلبن کي هيلٿ ڪارڊ ڏيڻ جي رٿا آهي: گورنر سنڌ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ هيلٿ ڪارڊ ضروري آهي، ان لاءِ اسان صوبي ۾ هيلٿ ڪارڊ متعارف ڪرائڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پر سنڌ جي عوام کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت لاءِ سنڌ حڪومت سهڪار ناهي ڪري رهي. وفاقي حڪومت سڄي ملڪ جي سمورن پريس ڪلبن کي هيلٿ ڪارڊ ڏيڻ جي حوالي سان منصوبو تيار ڪري رهي آهي. جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق اهڙو اظهار هن ڪرائيم رپورٽرز ايسوسيئيشن جي 13 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.