هن وقت گم ٿيل ماڻهن جو انگ 2264 آهي: قومي ڪميشن

اسلام آباد(م ڊ) گم ٿيل ماڻهن لاءِ قائم قومي ڪميشن جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي اڳواڻي ۾ شاندار ڪارڪردگي سبب 31 ڊسمبر 2021ع تائين 6117 ڪيس اڪلايا ويا. ڪميشن جي سيڪريٽري پاران ڊسمبر 2021ع تي جاري ڪيل رپورٽ مطابق نومبر 2021ع تائين گم ٿيل ماڻهن لاءِ قومي ڪميشن کي 8279 ڪيس مليا جن مان ڊسمبر 2021ع دوران 102 نوان ڪيس پڻ مليا. جڏهن ته جبري طور تي گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيسن جو گڏيل تعداد 8381 آهي. قومي ڪميشن 31 ڊسمبر 2021ع تائين 6117 ڪيس اڪلايا. هن وقت تائين گم ٿيل ماڻهن جو تعداد 2264 آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.