سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 2 مريض فوت، 464 نوان ڪيس

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 2 مريض فوت  ۽  464 نوان ڪيس سامهون آيا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چئي. وڏي وزير چيو ته هن وقت 6474 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 6278 گهرن ۾، 42 آئسوليشن سينٽرن ۽ 154 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 148 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جن مان 16 کي وينٽيليٽرن تي منتقل ڪيو ويو آهي.

  • ڪراچي ۾ امڪاني طوفاني برسات،  هنگامي بنياد تي نالن جي صفائي جو ڪم شروع

ڪراچي (رپورٽر) مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ زبير احمد جي هدايت تي امڪاني برساتن سبب ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ان سلسلي ۾ گذريل ٻن هفتن کان نالن جي صفائي جو ڪم جاري آهي ۽ ڪيترن ئي نالن مان گند ڪڍي پاڻي جي رواني بحال ڪئي وئي آهي. پوليس هيڊ ڪوارٽر لڳ سولجر بازار نالي ،ريگل چوڪ لڳ اڪبر نالي ،لائيٽ هائوس واري ڪي ايم سي بلڊنگ واري نالي، لياري جي پڪچر نالي ۽ شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تي واقع نالن مان گند ڪڍي انهن کي صاف ڪيو ويو آهي. جڏهن ته عملو صفائي جي ڏس ۾ موجود رهندو. ان سلسلي ۾ 25 سينٽري ورڪرز اوڀر ضلعي ۽ 50 سينيٽري ورڪر ڏکڻ ضلعي ۾ موجود رهندا. جاري ڪيل پريس رليز موجب صفائي جو ڪم روزانو جي بنياد تي ٿي رهيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.