سي پيڪ ترقي نه ڦرلٽ جي رٿا آهي: اختر مينگل

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر جان مينگل چيو آهي ته پارٽي اجلاس ريڪوڊڪ تي گهرايو ويو، بي اين پي تي هميشه ترقي مخالف هئڻ جو الزام هنيو ويو، اسان ترقي جا مخالف ناهيون، ترقي بلوچستان جي ماڻهن ۽ صوبي لاءِ ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته 1952ع ۾ بلوچستان ۾ گئس دريافت ڪئي وئي، بلوچستان ملڪ کي 46 سيڪڙو گئس فراهم ڪري ٿو، اڄ هتي گئس 15 سيڪڙو رهجي وئي آهي، هن چيو ته بلوچستان کي گئس رائلٽي به خيرات وانگر ڏني ويندي آهي، ڪجهه ضلعي هيڊڪوارٽرن کان علاوه بلوچستان پنهنجي پيدا ڪيل گئس کان محروم آهي، ڪوئيٽا ۾ ماني پچائڻ لاءِ گئس ميسر ناهي، هن چيو ته سينڊڪ ۾ روزگار مهيا ڪرڻ بدران اتان جي معدنيات کي لٽيو ويو، هتان جي معدنيات مان ملڪ جي ٻين حصن ترقي ڪئي، شروع ۾ ئي چيو هو ته سي پيڪ ترقي جو نه ڦرلٽ جو منصوبو آهي، اربين رپيا لڳائڻ باجود گوادر ۾ ترقي ناهي ٿي، هن چيو ته بلوچستان اڄ پنجين ۽ ڇهين فوجي آپريشن مان گذري رهيو آهي، اعتماد جي کوٽ بلوچستان جون حالتون تبديل ڪيون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.