خيرپور ضلعي ۾ يوريا ڀاڻ اڻلڀ، آبادگار روڊن تي نڪري آيا

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ضلعي جي اٺن ئي تعلقن ۾ ڀاڻ جي کوٽ برقرار آهي،  هاري ڪاميٽي سنڌ جي صدر ميرمنور ٽالپور سميت قوم پرست اڳواڻن پريس ڪلب خيرپو ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي هاري ڪمٽي سنڌ جي صدر مير منور ٽالپر جي هدايت تي هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ هنڱورجا،راڻيپور،گمبٽ،کهڙا ۽ خيرپور جي پنجهٽي مارڪيٽ وٽ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ ضلعي انتظاميان خلاف نعريبازي ڪئي جڏهن ته هاري ڪمٽي سنڌ جي صدر ميرمنور ٽالپور،سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ضلعي خيرپور جي صدر ايڊوڪيٽ فياض حسين خميساڻي،عوامي ورڪرز پارٽي ضلعي خيرپور جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ نثار احمد سومرو،ايڊوڪيٽ احمد بخش ڦلپوٽو،ايڊوڪيٽ نور محمد تنيو ۽ ٻين پريس ڪلب خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين ٻڌايو ته ملڪ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪيميائي ڀاڻ جي کوٽ نه ٿي آهي ملڪ جي ٻين صوبن  ۾ ڀاڻ يج ڪابه کو ٽ نه آهي صرف سنڌ صوبي ۾ ڀاڻ جي کوٽ  آهي جيڪا سنڌ حڪومت جي نااهلي آهي،هنن چيو ته نفعي خور واپارين ڀاڻ لڪائي پنهنجا گودام ڀري ڇڏيا آهن هنن  اعلان ڪندي چيو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر ڀاڻ اوپن مارڪيٽ ۾ نه ڏنو ويو ته ضلعي انتظاميان ۽ نفعي خور واپارين خلاف مريم توب خيرپور کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي جلوس ڪڍيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.