سنڌ ۾ 2 لک خاندانن کي شمسي بجلي فراهم ڪرڻ جو هدف

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار صوبي جي 10 ضلعن ۾ 2 لک گهراڻن کي 2023 تائينشمسي بجلي فراهمي جي حدف تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ڪالهه توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ جي صدارت هيٺ سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ جو هڪ اهم اجلاس توانائي کاتي سنڌ جي آفيس ۾  ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري توانائي سنڌ ابوبڪر مدني، سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر راجه شاهه زمان کهڙو، توانائي کاتي جا ٻيا آفيسر ۽ سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ سان لاڳاپيل سپلائرز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٻڌايو ته سولر انرجي پراجيڪٽ لاءِ سنڌ جي 10 ضلعن ۾ 2 لک گهرن کي سيپٽمبر 2023 تائين شمسي بجلي فراهمي جو حدف ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ في گهر 3 ايل اي ڊي بلف، هڪ برقي پکو، هڪ موبائل چارجنگ سهولت، هڪ سولر پليٽ ۽ هڪ ليٽيهم بيٽري بابت بيڪ اپ لاءِ فراهم ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.