چوري ٿيل سون پوليس جي کيسي ۾ هليو ويو، الله حافظ: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ميرپورخاص مال خاني مان 60 تولا سون گم ٿيڻ واري ڪيس ۾ پوليس اهلڪار علي اصغر جي بحالي جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت سنڌ حڪومت کان مال خاني جي حوالي سان تفيصلي رپورٽ گهري ورتي آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  پنهنجي رمارڪس ۾ چيو تھ مال خانن مان چوري جا واقعا انتهائي سنگين مامرو آهي، چوري ٿيل سون پوليس جي کيسي ۾ هليو ويو، ڪيس خراب ٿي ويو ۽ الله حافظ، هِتي سڀ سمجهندا آهن ته حڪومت سندن کيسي ۾ پيل آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ ته ڇا اوهان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آبزويشن ڏٺي؟، سموري کاتي جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا پر اوهان ڪجهه ڪيو؟، مال خانن مان چوري جا واقعا سنگين مامرو آهي، آءِ جي سنڌ کي به گهرائي سگهون ٿا، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته مال خاني جو ڪهڙو رولز آهي ان جو انچارج ڪير آهي؟ سنڌ ۾ ڪيترا مال خانا آهن، اهلڪار کي نوڪري مان برطرف ڇو ڪيو ويو هو؟ درخواستگذار سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته 2003ع ۾ علي اصغر جي مقرري دوران مال خاني مان 60 تولا سون چوري ٿي ويو، سندس خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس داخل آهي، علي اصغر کي 2003ع ۾ نوڪري کان برطرف ڪيو ويو، اينٽي ڪرپشن 2003ع ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 6 سال جي سزا ڏني هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.