سينيٽ ۾ مني بجيٽ بل پيش، اپوزيشن جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد (بيورو+اي پي پي) سينيٽ ۾ مني بل مالياتي ضمني بل 2021ع جي ڪاپي پيش ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دروان سينيٽر شوڪت فياض احمد ترين مني بل مالياتي ضمني بل 2021ع جي نقل سينيٽ ۾ پيش ڪئي. سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته اهو بل لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو پيو وڃي جيڪا ان تي ٽن ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ سينيٽ سيڪريٽريٽ کي پيش ڪندي، سينيٽ ۾ مخالف ڌر علامتي بائيڪاٽ ڪيو ۽ ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي. اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران مخالف ڌر بائيڪاٽ ڪيو جڏهن ته سينيٽر ڪهده بابر ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي. پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته سنڌ حڪومت شهرين کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ هليٿ ڪارڊ جي فراهمي يقيني بڻائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.