سنڌ ۾ برسات جا راڱا، بلوچستان ۾ ٻوڏ، فوج طلب،زندگي مفلوج ، ٿڌ ۾ واڌ

ڪراچي، ڪوئيٽا، اسلام آباد(رپورٽرز + م ڊ) ايران کان بلوچستان ۾ داخل ٿيل برساتي سلسلي بلوچستان جي سامونڊي پٽي ۾ تباهيمچاهي ڇڏي آهي، جڏهن ته سنڌ تي به اثر ڇڏيو آهي، ڪراچي ، حيدرآباد ۽ سکر سميت مختلف شهرن ۾ هلڪي برسات سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي، اولهه جي هوائن جو هڪ طاقتور سلسلو گذريل رات کان اتر بلوچستان ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ گوادر، پسني، جيواڻي، ڪوئيٽا، چمن ۽ ڪوئيٽا ۽ ٻين علائقن ۾ تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، جڏهن ته زيارت ۾ برسات سان گڏ برف باري پڻ ٿي، موسميات کاتي مطابق گوادر ۾ 57.2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته طوفاني برساتن سبب مواصلاتي نظام متاثر ٿيو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ برسات پسني ۾ 70 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، گوادر ۾ 57، اورماڙه ۾ 27 ملي ميٽر، ڪيچ ۽ جيواڻي ۾ 24 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، چاغي جي مختلف علائقن ۾ برسات کان پوءِ ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ برسات سبب ندي نالن ۾ وچولي درجي جي ٻوڏي واري صورتحال آهي. موسميات کاتي موجب دالبندين، نوڪنڊي، تافتان ۽ چاغي شهرن ۾ برسات سبب هوا ۾ گهم جي شرح وڌيڪ آهي. ٿڌ جي شدت ۾ اضافي کان پوءِ ماڻهن گرم ڪپڙن ۽ گرم شين جي استعمال ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ايل پي جي گئس ۽ سڪل ڪاٺين جي طلب ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. طوفاني برساتن سبب بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ هيٺانهين وارا علائقا ٻڏي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ڪکاوان گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، ڊي جي پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته مڪران ڊويزن ۾ برساتن سبب متاثر علائقن ۾ ريسڪيو جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، متاثرن ۾ ڪمبل، خيما، سلينڊر، دوائون ۽ کاڌي پيتي جو سامان ورهايو پيو وڃي. پاڪ فو جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آءِ موجب بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي، گودار، تربت ۽ ٻين علائن ۾ پاڪ فوج امدادي ڪمن ۾ مصروف آهي، متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي،  هوڏانهن ايبٽ آباد، مري ۽ اتروزيرستان جي علائقن۾ شديد برفباري سيءُ ۾ وڌيڪ واڌ ڪري ڇڏي، نٿيا گلي ۾ 2 انچ، ڪالام ۾ 6 انچ، مالم جبا ۾ 2 انچ ۽ گليات ۾ هڪ کان ڏيڍ انچ تائين برف باري ٿي، جڏهن ته ايبٽ آباد ۾ به برسات ۽ جبلن تي برفباري جو سلسلو جاري رهيو، پارا چنا ۾ هر طرف برف ئي برف نظر آئي، برفباري سبب مري ويندڙ روڊ کي مختلف هنڌن کان بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي جي مختلف علائقن، ڪلفٽن، گلستان جوهر، گلشن اقبال ۽ ٻين علائقن ۾ هلڪي برسات پئي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت مختلف علائقن ۾ وسڪارو ٿيو، لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ اڱاري رات دير سان وقفي وقفي سان شروع ٿيل برسات جو سلسلو گذريل رات دير تائين جاري رهيو جنهن ڪري شهر جا اڪثر روڊ رستا توڙي ڳتيل آبادي وارا علائقا برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا. برسات دوران سيپڪو ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپني طرفان شهر جي اڪثر علائقن ۾ بجلي ۽ گيس جي فراهمي معطل ڪئي وئي جنهن ڪري شهرين کي روزاني جي ڪم ڪارن توڙي عورتن کي گهرن اندر رڌ پچاءُ ۾ سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. حيدرآباد، سکر، پنو عاقل، روھڙي، گهوٽڪي، خيرپور ۽ ٻين شھرن ۾ گذريل رات کان هلڪي برسات پوڻ سبب سيءُ ۾ واڌ اچي وئي، گهوٽڪي، جيڪب آباد، گمبٽ، سوڀوديرو، پيروسڻ، ميان صاحب، موهن جو دڙو، سڪرنڊ، مدئجي ۽ ٻين علائقن ۾ هلڪي برسات پئي، جنهن ڪري بجلي بند رهي، ڏوڪري، ڳڙهي خيرو، دوداپور، دائو جھانپور، غوثپور، ڪنڌڪوٽ، کهڙا، سيوھڻ، جھانگارا، باجارا، ڪرمپور، آراضي، بوبڪ، لڪي شاهه صدر سميت شھر جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ پڻ برسات جو سلسلو جاري رهيو، ھلڪي برسات پوڻ سبب روڊن تي پاڻي بيهجي ويو، موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز موجب هلندڙ اولهه هوائن جو سلسلو بلوچستان تي اثرانداز ٿي ويو، جنهن تحت ڏکڻ بلوچستان ۾ سٺي برسات ٿي آهي، ڪراچي شهر گجگوڙ ۽ ڳڙي سان گڏ برسات جو امڪان آهي ۽ ان کانپوءِ 45 کان 54 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون به گُهلي سگهن ٿيون. موسميات کاتي موجب نئين سسٽم تحت شهر ۾ 5 جنوري جي منجهند تائين وقفي وقفي سان ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ ان ۾ وقفو اچي ويندو، ماهرن موجب اولهه هوائن جو سلسلو 6 جنوري جي منجهند هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم ٿيندو ۽ 6 جنوري جي منجهند کان 7 جنوري جي صبح يا منجهند تائين وقفي وقفي سان مينهن وَسي سگهي ٿ،  موسميات کاتي امڪان ظاهر ڪيو ته ان عرصي دوران شهر ۾ 40 کان 50 ملي ميٽر برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي ڪراچي شهر ۾ تازي سسٽم تحت برساتن کانپوءِ 8 جنوري کان سيءُ وڌي سگهي ٿو ۽ پارو 10 کان هيٺ وڃي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.