اين آر او نه ڏيڻ سبب ن ليگ عمران خان کان ڊنل آهي: اعتزاز احسن

اسلام آباد(م ڊ) پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته 1961ع کان پارٽي فنڊنگ قانون تي ڌيان نه ڏنو ويو، ان قانون تي ڌيان تمام ضروري هو، ن ليگ کي لڳي ٿو ته عمران خان تان هٿ هٽايو ويو آهي، هن چيو ته عمران خان کان ن ليگ ڊڄي ٿي ڇو ته هو اين آر او ڏيڻ کان انڪاري آهي، جنهن آصف علي زرداري جي زبان ڪٽي اهو اڄ سينيٽ ۾ ويٺوآهي، هو ته ٻه ڏينهن جيل ۾ نٿو گذاري سگهي، اسان جي ته پوري قيادت جيلن ۾ رهي آهي، هن چيو ته بينظير ڀٽو ڪارڪنن سان گڏ هوندي هئي، آصف علي زرداري جي اچڻ کانپوءِ سيڪيورٽي سبب اهو سلسلو رڪجي ويو، ان سان پ پ کي پنجاب ۾ نقصان پهتو آهي، هن چيو ته نوازشريف کي عدليه مان جيترو رليف مليو ان جو مثال پوري دنيا ۾ نٿو ملي، عدالت نوازشريف کي پنهنجي دائري اختيار کان ٻاهر ٻاهرين ملڪ موڪلي ڇڏيو، نوازشريف جو هر وقت اسٽيبلشمينٽ سان رابطو رهندو آهي، جسٽس فائز عيسيٰ کي حڪومت تنگ نه پئي ڪري ڪجهه ” ٻيا“ ماڻهو تنگ پيا ڪن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.