سرمائيداري مخالف وڏي لهر موجود آهي،پاڪستان ۾ نوجوان تبديلي آڻيندا: کاٻي ڌر جا اڳواڻ

حيدرآباد (سروي رپورٽ: مقبول ملاح)  کاٻي ڌر جي اڳواڻن چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوانن گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪا هاڪاري تبديلي نه  ڏٺي آهي، چلي ۾ سوشلسٽ صدر جي ڪاميابي دنيا جي  سرمائيدارن لاءِ هڪ وڏو پيغام آهي، پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي نوجوانن ۾ هڪ وڏو اتساهه پيدا ٿيندو، عوامي آواز سان ڳالهائيندي عوامي ورڪز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهو چيو ته  پاڪستان جي نوجوانن گذريل 30 سالن ۾ صرف ناڪاري تبديليون ڏٺيون آهن، هنن ڪڏهن به هاڪاري تبديلي نه ڏٺي آهي، هاڪاري تبديلين جو ضرور اثر پوندو. هن چيو ته 70 جي ڏهاڪي ۾ ايران يا افغانستان ۾ انقلاب آيا جيڪي اسان جي وڏن ڏٺا پر اسان جي نوجوانن طالبان ڏٺا، تباهيون ڏٺيون، نسل پرستي ڏٺي، فرقيوارت ڏٺي، هنن جي لاءِ اهي ننڍيون ننڍيون تبديليون جيڪي چلي سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿين، يا نيپال سميت هندستان تازو سال جي جدوجهد کانپوءِ هاري تحريڪ  جي ڪاميابي هاڪاري تبديليون آهن، جن جا تمام وڏا اثر ٿا پون. هن چيو ته  نوجوانن کي هن وقت وطن دوست، قوم دوست، ماحول دوست ۽ عورت دوست سياست جي ضرورت آهي. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ لطيف لغاري چيو ته ڪامريڊ مارڪس جي چوڻي هئي ته جيستائين دنيا ۾ تضاد موجود آهن، تيستائين ان قسم جي تضادن جي حل لاءِ جدوجهد به جاري رهندي. هن چيو ته پهريان سرمائيدارن طرفان اهو تاثر ڏنو پئي ويو ته سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ اهو نظام ختم ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪميونسٽن جي اڪثريت به اهو سمجهيو ته 70 سال هلندڙ نظام ختم ٿي ويو آهي، پر تضاد موجود  هئا ۽ قومن جدوجهد ڪرڻ شروع ڪري ڏني، جڏهن ته سرمائيدارن اندر موجود بحرانن به سرمائيداري کي ڪمزور ڪيو. هن چيو ته هن قت دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي تنهن ڪري دنيا ۾ ڪٿي به ڪا تبديلي ايندي ته اها سڄي دنيا تي اثر انداز ٿئي ٿي.  هن چيو ته لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ سرمائيداري مخالف وڏي لهر موجود آهي. چلي ۾ سوشلسٽ اڳواڻ جي ڪاميابي دنيا جي سرمائيدارن لاءِ اهو پيغام آهي ته ڦرلٽ جي نظام جو انت اچڻو آهي،   پورهيت مزاحمت جي اڳواڻ ڪامريڊ نثار لغاري چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جي اڪثريت آهي ۽ پاڪستان جي نوجوانن گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪابه تبديلي نه ڏٺي آهي، چلي ۾ ٿيندڙ تبديلين جو ضرور پاڪستان جي فڪري نوجوانن تي اثر پوندو.  هن چيو ته پاڪستان ۾ کاٻي ڌر تمام گهڻي ڪمزور آهي، پر نوجوان پاڪستان  جي کاٻي ڌر کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن،  چلي ۾ سوشلسٽ اڳواڻ جي ڪاميابي تي سوشل ميڊيا تي نوجوانن جو بحث ثابت ڪري ٿو ته هو تبديلي چاهي ٿو. ريڊ ورڪرز فرنٽ جي اڳواڻ ڪامريڊ عبيد سيال چيو ته پاڪستان اندر نوجوانن جو کاٻي ڌر ڏانهن لاڙو وڌي رهيو آهي، سندن کاٻي ڌر ڏانهن پازيٽو سوچ وڌي رهي آهي،  هن چيو ته چلي جون حالتون، پاڪستان کان تبديل آهن، پر يقينن دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين جو ضرور پاڪستان جي نوجوانن تي اثر پوندو ۽ اسان کي دنيا ۾ کاٻي ڌر سان رابطن ۾ رهي حالتن کي تبديل ڪرڻو پوندو. پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو جي اڳواڻ ساگر سرويچ چيو ته دنيا  گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي، چلي ۾ سوشلسٽن جي ڪاميابي جا اثر پاڪستان جي نوجوانن  تي ضرور پوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.