ڦلجي اسٽيشن ۾ ڀاڻ کوٽ خلاف برسات دوران ڌرڻو

ڦلجي اسٽيشن (ن ع آ)  ڦلجي شهر ۾ آبادگارن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جو اڄ 3 ڏينهن به ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري حيدر چوڪ تي برسات پوڻ دوران به ڌرڻو هنيو ويو ۽ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي،احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي رمضان پنهور، لالا ظهير سومرو ،مظهر جهتيال، سليم پنهور ،وسيم پنهور ۽ ٻين ڪئي احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي دوران زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي جڏهن ته وڏن واپارين پاران زرعي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي ۽ آبادگارن پاران مسلسل احتجاج ڪرڻ کان پوءِ به لاڳاپيل عملدارن ۽ انتظاميا پاران ڪو به نوٽيس نه پيو ورتو وڃي اي سي دادو ۽ مختيار ڪار دادو سياسي ڀوتارن جي نوڪري ڪري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.