ٽنڊي محمد خان ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف ريلي، ڌرڻو

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ: حيدرشورو  )ٽنڊو محمد خان ۾ جيئي سنڌ محاذ ، سنڌ نيشنل پارٽي ، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ، جيئي سنڌ قومي محاذ  ۽ مقامي آبادگارن پاران  زرعي ڀاڻ جي سخت کوٽ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ ،  وڌندڙ وياج جو آزار ، زرعي مشينري دوائن ٻج ڀاڻ تي مني بجيٽ ۾ ٽيڪس لڳائڻ سنڌ ۾ زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪرڻ خلاف اسٽيشن روڊ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر زاھد جسڪاڻي ،جيئي سنڌ قومي محاذ جي جاويد ھاليپوٽو ؛ سنڌ نيشنل پارٽي جي دودو ھاليپوٽو ، آبادگار اڳواڻ مير سرفراز ٽالپر ۽ سرفراز ڀٽي ۽ ٻين چيو ته ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ڀاڻ ڊيلرن زراعت کاتي جي آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري ھٿراڌو ڀاڻ جي سخت کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.