کير تي 47 ارب تي منافعو اوڳاڙي، رستا روڪ ڪنداسين: ڪمشنر

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ کير جي قيمتن ۾ اضافي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي جي دوران طارق منصور ايڊووڪيٽ ڪيس ۾ ڌر بڻائڻ  لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، عدالت ڌر ٺاهڻ واري درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڪراچي جي ڪمشنر اقبال ميمڻ عدالت ۾ تفيصلي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو ته مشاورتي اجلاس ۾ اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي، قيمتون مقرر ڪرڻ جي لاءِ هر طريقي کان جائزو ورتو پيو وڃي، اسان منافعي خورن جو رستو روڪنداسين، جڏهن ته ريٽلر ايسوسيئيشن جي وڪيل چيو  جيڪا به رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي اها جعلي آهي، 10 سالن کان ڪم ٿي رهيو آهي، اسان کي جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي، عدالت 10 ڏينهن جي مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي، عدالت ڪراچي جي ڪمشنر کي حاضري کان ڇوٽ قرار ڏنو آهي، درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ ڪراچي جي شهرين کان 47 ارب کان وڌيڪ کير تي منافعو ورتو آهي، جڏهن ته مشابقتي ڪميشن ان رپورٽ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.