عزير بلوچ ۽ شيرو ٻن رينجرز اهلڪارن جي قتل ڪيس مان بري

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت شاهديون نه هجڻ تي گينگ وار جي سربراهه عزير جان بلوچ ۽ شير محمد عرف شيرو کي بري ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٻن رينجرز اهلڪارن جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي شاهديون نه هجڻ جي آڌار تي گينگ وار جي سربراهه عزير جان بلوچ ۽ شير محمد عرف شيرو کي بري ڪري ڇڏيو، عذير بلوچ جي وڪيل عابد زمان عدالت ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته جوابدارن جي خلاف ڪي به پڪيون شاهديون پيش ناهن ڪيون ويون. پراسيڪيوٽر ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو جنهن کان پوءِ عدالت شاهديون نه هجڻ جي آڌار تي گينگ وار جي سربراهه عزير جان بلوچ ۽ شير محمد عرف شيرو کي بري ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.