نيويارڪ جي اٽارني جنرل ٽرمپ ۽ گهر ڀاتين کي طلب ڪري ورتو

نيويارڪ (اي پي پي)آمريڪي رياست نيويارڪ جي اٽارني جنرل اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس ٻن ٻارن کي پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. جرمن نشرياتي اداري مطابق اٽارني جنرل جي آفيس طرفان ٻُڌايو ويو ته اڳوڻي ريپلڪن صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان علاوه سندس فرزند ڊونلڊ جونيئر ۽ نياڻي ايوانڪا ٽرمپ کي ان لاءِ طلب ڪيو آهي ته انهن جو حلفي بيان رڪارڊ ڪري سگهجي. آمريڪي عملدارن اڳوڻي صدر ۽ سندس ڪمپني ٽرمپ آرگنائيزيشن خلاف مجرماڻي نوعيت جي الزامن جي جاچ جاري آهي. ٽرمپ ڪٽنب جي ٽنهي فردن کي طلبي جو سبب به ٽرمپ آرگنائيزيشن جي ملڪيت بابت ڇنڊڇاڻ ڪرڻ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.