جسقم پاران ڀاڻ کوٽ خلاف اڄ مظاهرن جو اعلان

رتوديرو ( ن ع آ) جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪزي باڊي جو اجلاس رتوديرو ۾ شهيد بشير خان قريشي جي مزار تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر جسقم مرڪزي اڳواڻ  مومن سمون، ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ 17 جنوري تي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 118هين سالگرھ جي موقعي تي سن ۾  تاريخي جلسي ڪرڻ جو فيصلو. جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي قيادت سان گڏ 1 وڳي سن ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهيندو، صنعان خان قريشي ڳالهائيندي چيو ته رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد وسريل سنڌ ياد ڏياري، جسقم ڪارڪن اڄ کان وٺي سمورو ڌيان رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ تي ڏين، سنڌ ۾ پاڻ جي هٿرادو قيمتن ۽ آبادگارن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ جسقم مرڪز پاران 5 جنوري تي احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.