شهدادپور ۾ شهرين جو ڀاڻ کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو

شھدادپور (ن ع آ) شھدادپور تعلقي ۾ يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ واپارين پاران ڳري اگهھ تي وڪري خلاف شھدادپور تعلقي جي سوين آبادگارن لطيف پارڪ شھدادپور کان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا پريس آڏوپهتي جتي آبادگارن ڌرڻو هڻي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت خلاف ڀاڻ بليڪ تي وڪرو واپارين خلاف احتاج ڪيو احتجاجي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ شاهجان جوڻيجو حاجي يارمحمد لغاري ڊاڪٽر بچل ڳرواڻ ۽ ٻين چيو ته هن وقت ڪڻڪ جو فصل تيارآھي منافعي خور پيڊي وارن ڀاڻ گودامن ۾ لڪائي بليڪ تي وڪري رهيا آھن مقامي انتظاميه آگاهه هوندي به ڪا ڪاروائي نه ٿي ڪري هنن چيوته سرڪاري اگھ 1768 آھي ناجائز منافعو ڪمائيندڙ ڀاڻ 3000 ۾ يوريا ڀاڻ وڪرو ڪري رهيا آھن هنن چيو ته زراعت ملڪ جي ريڙھ جي هڏي مثل آھي اسان آبادگارن کي هٿ سان ماريو پيو وڃي حڪومت انهن زخيره اندوزي ڪندڙ پيڍي وارن خلاف قدم نه کنيوته اسين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مجبور ٿي روڊ رستا بند ڪنداسين ان لاء وفاقي صوبائي حڪومت ڀاڻ بليڪ تي وڪري مافيا خلاف قدم کڻي آبادگارن جي بي چيني دور ڪري آبادگارن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينرپڻ ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.