موهن جو دڙو لڳ بدامني، ڳوٺاڻن کي هٿيارن جي زور تي ڦر

موهن جو دڙو  ( ن ع آ ) ڏوڪري ۾ ڏوهن تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو، محرابپور ڏوڪري روڊ تي ڏوهارين ڳوٺاڻن کي روڪي هزارين روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا ان ڏس ۾ گذريل رات ڏوڪري محرابپور روڊ تي انڙ ڳوٺ ڀرسان محرابپور جي رهواسين راشد جتوئي، رابيل ڪنڀر، علي رضا جتوئي کي هيٿاربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 2 موبائيل فون، هزارين روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪئي. جڏهن ته نوجوان پاران هٿياربندن جي مذمت ڪئي ته هيٿاربندن سخت تشدد ڪري زخمي حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. هوڏانهن زخمين کي ڳوٺاڻن پاران ڏوڪري اسپتال ۾ طبي امداد لاءِ آندو ويو. جڏهن ته واقعي جو اطلاع ڏوڪري ٿاڻي تي ڏنو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.