ڪشمور لڳ اوطاق تي ستل نوجوان مٿان فائرنگ،قتل

ڪشمور(ڊ ر) ڪشمور ويجھو عظيم ڦاٽڪ وٽ ڳوٺ عبدالرئوف کوسو ۾ اوطاق تي ستل نوجوان شاھ محمد کوسو کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪيو ويو ڪشمور پوليس نوجوان جو لاش تعلقه سول اسپتال منتقل ڪيو ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو مارجي ويل نوجوان شاھ محمد کوسو جو قتل ڪيس ٽن ڄڻن مٿان داخل ٿيو طفيل احمد کوسو، ظھور احمد کوسو، عبدﷲ کوسو کي قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو وارثن الزام لڳائيندي چيو آهي ته جوابدار طفيل کوسو ظھور کوسو عبدالله کوسو اسان جي نوجوان شاھ محمد کوسو کي پئسن جي ڏيتي ليتي معاملي تان اوطاق تي گھرائي قتل ڪيو پوليس مارجي ويل نوجوان جي قتل الزام هيٺ ٽن جوابدارن مان هڪ جوابدار کي  گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.