لطيف جي پارکو ۽ صحافي سيف ٻنوي جي اڄ ٻارهين ورسي ملهائي ويندي

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ي ٻوليءَ جي شاعر ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پارکو سيف ٻنوي جي 12 هين ورسي اڄ ٻني ۾ ملهائي ويندي. سندس ڪٽنب موجب ٻني  شهر لڳ  سندس آخري آرامگاهه تي  مرحوم جي قبر تي حاضري ڏئي دعا گهري ويندي، قران خواني ڪئي ويندي.مرحوم سيف ٻنوي ڪيترين ئي اخبارن ۾ به ڪم ڪيو، صحافي برادري سندس 12هين ورسي تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

  • ٿاڻو بولاخان: ساس پاران مسڪين مانجهو خاصخيلي سان رهاڻ

ٿاڻوبولاخان (ن ع آ) س ا س ڪوهستان شاخ ايٽ ٿاڻوبولاخان جي سيڪريٽري مسڪين مانجهو خاصخيلي سان سندس دوستن پاران رهاڻ رچائي وئي ان موقعي تي سندس رهاڻ۾ ڳالهائيندي سماجي شخصيت لال بخش حملاڻي  صحافي سرور خاصخيلي المهراڻ جي اڳواڻ نياز حسين خاصخيلي صحافي شهباز عمراڻي صحافي گهنشام داس سامناڻي صحافي ربنواز ميمڻ ذيشان خاصخيلي ڊاڪٽر شيراز قاضي ۽ ٻين چيو تہ شاعر اسان جي ملڪ جا سفير آھن هي پنهنجي شاعريء ۾ پنهنجي ڌرتي پنهنجي ماروئڙن جي ڳالھ ڪندا آھن مسڪين مانجهو خاصخيلي ڪوهستان جو ڀلوڙ شاعر آهي هن هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آھي هن جتي عشقيا شاعري ڪئي ان سان گڏ انقلابي شاعريء پڻ ڪئي آھي هن پنهنجي شاعري ۾ جتي غريب جي درد پيڙا مسئلن جي ڳالھ  ڪئي آھي اتي وڏيري جي روين تي پڻ شاعري ڪئي آھي هنن چيو ته مسڪين مانجهو خاصخيلي شاعر سان گڏ هڪ محبتي انسان آھي هن سدائين جوڙڻ سکيو آھي ٽوڙڻ واري لفظ کان نفرت ڪري ٿو ان موقعي تي محفل جي مور مسڪين مانجهو خاصخيلي چيو ته توهان دوستن جو ٿورائتو آھيان جن  منهبجي مان ۾ هي ننڍڙو پر خوبصورت پروگرام ڪري مون کي عزت سان نوازيو آهي هن چيو ته پنهنجي شاعري وسيلي پنهنجي ڌرتي مارو ماڻھن جي مسئلن کي اجاگر ڪندو رهندس ان موقعي تي سندس سالگرھ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.