ڇاڇري واسي پورهيت هفتي کان گم،ڳولا ۾ مدد جي اپيل

ڇاڇرو (ن ع آ) ڇاڇرو شهر جو رهواسي پورهيت نوجوان اوم پرڪاش پٽ شام داس مهيشوري جي پراسرار گمشدگي کي 7 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، گم ٿيل نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي پيرسن والدين کي بيهوشي جا مسلسل دورا پوڻ سبب حالت خراب ٿيڻ لڳي آهي، نوجوان جي ٻارڙن جون اڀ ڏاريندڙ دانهون، علائقي ۾ ڏک جي لهر عام شهر واسي نوجوان جي گهر پهچي وارثن کي آٿت ڏيڻ لڳا، مقامي سياستدان، چونڊيل نمائندا مهيشوري برادري جا وڏا واپاري نوجوان جي تڏي لڙهي نه آيا، ڇاڇرو پريس ڪلب مان صحافين جي ٽيم نوجوان جي گهر پهتي نوجوان جا پيرسن والدين ۽ معصوم ٻارڙن صحافين آڏو  اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪري ماحول سوڳوار بڻائي ڇڏيو گم ٿيل نوجوان جي پيرسن پيءُ شامداس مهيشوري ۽ پيرسن امڙ روئيندي ميڊيا کي ٻڌايو تي اسان پيرسن ۽ بيمار مريض ماڻهو آهيون، پنج نياڻين ٻن پٽ ست ٻارڙن سميت گهر جي ڏھ ڀاتين جو سهارو ۽ گهر پاليندڙ واحد ذريعو منهنجو پٽ آهي، جيڪو ست ڏينهن کان گم آهي، اسان سخت پريشان آهيون ڪنهن سان ڪوبه دشمني ناهي غريب ماڻهو آھيون پُٽ ڏهاڙي تي مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو هو اسان جي حال تي رحم ڪري پٽ جي بازيابي لاءِ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.