ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا ٿيل نينگري جي وارثن جو احتجاج

ڪنڌ ڪوٽ ( رپورٽ:ممتازسنڌي)ڪنڌ ڪوٽ جي ممتاز محلي مان ڏ ڏينھن پھريان ڊرائيور الله ڏنو سميجو جي 12 سالا ڌي زاھدان سميجو کي مزدا مالڪ شھنواز باجڪاڻي ۽ ان جي ساٿين محمود ـ صابر باجڪاڻي ۽ ھڪ نا معلوم جي مدد سان گھر ۾ گھڙي ڪري زبردستي اغوا ڪرڻ جي معاملي تان گھر ۾  ماء ۽ وارث عورتن جو ماتم روڄ لاڙو ۽ متاثرن گھر ڀاتين پاران احتجاج ڪندي چيو ته اسان غريب ماڻھو آھيون ھو با اثر آھن جن اسان جي معصوم نياڻي  زاھدان کي زبردستي شادي ڪرڻ جي ارادي سان اغوا ڪري ويا آھن ـ ھنن چيو ته  اي سيڪشن ٿاڻي تي سندس جي ڀاء ممتاز سميجو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ڏھ ڏينھن گذرڻ  باوجود به اغوا ٿيل ناري کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي آھي ۽ نه وري ملوث جوابدارن خلاف ڪا ڪاروائي ٿي سگھي آھي ھنن متاثرن چيو ته اڃان به اسان کي جوابدار  شھنواز باجڪاڻي پاران موت مار ڌمڪيون ملن ٿيون ھو چئي ٿو جيڪڏھن توھان پوليس ڏي مدد لاء ويندو ته توھان جي ناري کي قتل ڪري ڇڏيندس ان ڪري اسان غريب ماڻھو آھيون گھر ۾ ناري جي ماء کي بي ھوشي جا دورا پون پيا ھنن ھٿ ٻڌي اعلي عدليا آئي جي سنڌ ـ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ  امجد شيخ کان انصاف جي اپيل ڪندي چيو ته  ناري کي بازياب ڪرائي ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي تحفظ فراھم ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.