ملير ۾ پوليس چڙهائي، نوجوان کڀني گم، وارثن جو احتجاج

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) نوجوان پٽ جي کنڀجڻ خلاف سندس امڙ ۽ ڀاءُ ملير پريس ڪلب پهچي ويا، سکڻ پوليس جي اٽالن رات دير سان گهر تي چڙهائي ڪري عورتن ٻارڙن مٿان تشدد بعد نوجوان پٽ کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو اظهار ڀينس ڪالوني پيراڻو ڳوٺ واسي نوجوان قادر بخش بليدي جي امڙ صدوري ۽ ڀاءُ جاويد علي بليدي ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته رات دير سان سکڻ پوليس جي اٽالن ٻن پوليس موبائلن ۽ ٽن موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري معصوم ٻارڙن عورتن تي تشدد ڪرڻ بعد نوجوان قادر بخش بليدي کي کنڀي کڻي ويا، سندس بيگناهه گرفتاري خلاف جڏهن اسان سکڻ ٿاڻي تي پهتاسين ته قادر بخش بليدي کي ڪهڙي ڏوهه ۾ توهان گرفتار ڪري آيا آهيو ته سکڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او چيو ته اسان قادر بخش بليدي کي گرفتار نه ڪيو آهي ۽ نه ئي اسان وٽ موجود آهي ٻين پوليس ٿاڻن تي ڳولا ڪيو، جنهن بعد مختلف ٿاڻن تان نوجوان قادر بخش جي ڳولا ڪئي پر سندس ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي، هنن چيو ته قادر بخش نجي فيڪٽري ۾ پورهيو ڪري گهر جو گاڏو هلائيندو آهي، سندس ڪنهن به سياسي پارٽي يا ڏوهاري سرگرمين سان واسطو نه آهي، اسان کي خدشو آهي ته پوليس بيگناهه گرفتار ٿيل نوجوان پٽ کي ڪٿي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل نه ڪري ڇڏي، اسان چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ، وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير کي اپيل ٿا ڪريون ته نوجوان قادر بخش بليدي کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.