ڄامشوري ۾ ڪوچ جي ٽڪر ۾ معصوم ٻارڙو فوت

ڄامشورو (ڊ ر)ڄامشوري -سيوھڻ روڊ تي ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس ڀرسان سيوهڻ کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ جي ٽڪر ۾ ڄامشورو ٿرمل پاور   هائوس لڳ ڳوٺ هوت خان کوسو جو رهواسي 10 سالا معصوم ٻارڙو سڪندر علي پٽ گل محمد کوسو فوت ٿي ويو آهي, فوتي ٻارڙي جو لاش لمس اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته معصوم ٻارڙي سڪندر علي کوسو جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن ڪوچ ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر حادثي بعد واقعي واري هنڌا فرار ٿي ويا, جڏهن ته ڪوچ ڄامشورو پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڄامشورو ٿاڻي تي بيهاري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.