ٽنڊي آدم لڳ مبينا مقابلو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي

ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) ٽنڊو آدم لڳ مبينا طور  مقابلو فائرنگ  هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار رپورٽ موجب ٽنڊو آدم لڳ حبيب خان مري موڙ  وٽ  سٽي پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار غلام محمد ولد  مولا بخش ڳاهو  کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي پوليس موجب جوابدار ڏوھ جي ارادي سان بيٺل جوابدار   پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي جوابي ڪاروائي ۾ جوابدار کي ٽنگ ۾ گولي لڳل حالت ۾ گرفتار ڪيو  آھي  جوابدار روپوش ڏوهاري آھي  جنهن مٿان سانگهڙ ، مٽياري ، ٽنڊوالهيار ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ 18 ڪيس داخل ٿيل آھن ھن وٽان هڪ ٽي ٽي پسٽل ، ميگزين ۽ گوليون به هٿ آيون پوليس زخمي کي تعلقي اسپتال آندو  ويو جتي طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد روانو ڪيو ويو ۔سٽي ٿاڻي تي مٿس پوليس مقابلي ۽ ناجائز هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.