ٽنڊو مستي مان اغوا ٿيل ٺيڪيدار کان 20 لک ڀنگ طلب، وارثن جو احتجاج

خيرپور ( رپورٽ: شاهد نواز سيال  ) خيرپور ڀرسان ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد مان هڪ مهينو اڳ اغوا ٿي ويل  آرا مشين جي چوڪيدار محمد نواز چانڊيو جي بازيابي نه ٿيڻ سبب سندس وارثن پارن خيرپور ۾ صحافي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، مظاهري جي اڳواڻي اخلاق حسين چانڊيو ، علي در چانڊيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ، مظاهرين ٻڌايو ته پوليس پورهيت جي بازيابيءَ  لاءِ  ڪوب تحرڪ ناهي ورتو ن وري ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪيو آهي هنن چيو ته  خيرپور پوليس مغوي پورهيت محمد نواز چانڊيو کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ڻيل آھيهنن چيو ته  مغويءَ  جي بازيابيءَ  لاءِ  ڌاڙيلن پاران ويهه لک روپيا وارثن کان ڀنگ طلب ڪري رهيا آھن اسان غريب ۽ مسڪين آھيون ڀنگ نٿا ڀري سگهون ، چانڊيا برادريءَ  جي ماڻهن ۽ وارثن جو آءِ  جي سنڌ ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ت خدا را پورهيت محمد نواز چانڊيو کي بازياب ڪرائي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ مغوي جي گهر مان ڪهرام ختم ڪرايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.