هلندڙ سال ۾ پيٽرول ۽ ڊالر جون قيمتون برابر ٿينديون: خورشيد شاهه

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي سکر سيدخورشيد احمد شاھ جون 2022 تائين ڊالر ۽ پيٽرول جون قيمتون 2 سئو روپين تائين  پهچڻ جي دعوا ڪندي چيو آھي ته پي ٽي آءِ  حڪومت ملڪي معيشت ۽ حالتن جو اهڙو ته حشر ڪيو آھي جو ايندڙ نئين حڪومت کي پنج سال معمول تي آڻڻ لاءِ  لڳي سگهن ٿا اهڙو اظھار هن سکر ۾ پنهنجي رهائشگا ھ تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو سيد خورشيد شاھ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ٽي آئي جڏهن کان وجود ۾ آئي آھي ان ڏينهن کان ڊرائي ڪلين آهي ان لاءِ  ته هو بار بار فارن فنڊنگ تي اسٽي وٺي رهيا آھن اسٽي ان لاءِ وٺن ٿا ته جيئن فارن فنڊنگ مامرو سڀني جي سامهون نه اچي سگهي ۔خورشيد شاھ چيو ته پي ٽي آئي وارا ايترو ته ڪوڙ ڳالهائن ٿا جو ڪوڙ ڳالهائڻ وقت ڌرتي به لڏي ٿي ۔پيپلز پارٽي فارن فنڊنگ چيڪ ڪرائڻ لاء تيار آھي پ پ هر اليڪشن ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي آھي هن چيو ته عمران خان کي معيشت۔ڊالر ۽ روپئي ۾ فرق جي خبر ئي ناهي ڊالر جي وڌڻ سان بجلي۔گئس۔تيل ۽ ملڪي معيشت واڳيل آھي، موجودھ حڪومت مني بجيٽ بعد ملڪ کي گروي رکڻ پيا وڃن ملڪ جا ٻه وزير اعظم هوندا هڪ ايگزيڪٽيو وزير اعظم ۽ ٻيو اسٽيٽ بينڪ جو گورنر به وزير اعظم ثابت ٿيندو، ڪوڙ سبب ملڪي معيشت تباھ ٿي آھي، حڪومت جي پرڏيهي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آھي ۽ ڪشمير جو ته برو حال ڪيو آھي جو ماضي ۾ ناهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.