سنڌ جي سينيئر ججن کي نظر انداز ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، مرڪزي اڳواڻ گل حسن ڪيڙانو ۽ مريم گوپانگ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري ۾ غير شفافيت عدليا کي ڪمزور ڪري رهي آهي. خودمختيار ۽ آزاد عدليا کانسواءِ ملڪ جو انصاف جو نظام بهتر نٿو ٿي سگهي. سپريم ڪورٽ ۾ سينيارٽي يا ميرٽ بدران مخصوص گروهه جي مفادن خاطر ججن کي مقرر ڪرڻ سان عدليا کي نقصان آهي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري لاءِ واضح پاليسي جوڙي وڃي. سنڌ جي سينيئر ججن کي نظر انداز ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي. ٻئي پاسي وارهه ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ جي پٽ ٻارهين ڪلاس ۾ پڙهندڙ نوجوان سارنگ چانڊيو کي وارهه پوليس طرفان کنڀي گم ڪرڻ جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ ٻين اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ پوليس کي وڏيرن جو ڪمدار بڻايو ويو آهي. پوليس ڀتو ۽ منٿليون وٺڻ لاءِ شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ جهڙا سنگين ڏوهه ڪري رهي آهي. اڳواڻن چيو ته پوليس ماڻهو کنڀي گم ڪري قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس کان اسين مطالبو ٿا ڪريون ته هو سنڌ پوليس جي جڙتو مقابلن ذريعي عدالت کان ٻاهرين قتلن ۽ بنا ايف آءِ آر جي ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ جو نوٽيس وٺي، سنڌ ۾ ٿيندڙ روزانو انساني حقن جي ڀڃڪڙي کي روڪرائي. سنڌ پوليس رشوت عيوض منشيات فروشن جي سرپرستي ڪري رهي آهي. پوليس کي ڪرپٽ بڻايو ويو آهي جنهن سبب پوليس جا آفيسر پنهنجن سپاهين کان به ڀتو وٺي کين ماڻهو ڦرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.