ماٿيلي لڳ ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 3 ڄڻا زخمي

ميرپور ماٿيلو ( ن ع آ ) ميرپور ماٿيلو ويجهو ايف ايف سي ٿري ڀاڻ فيڪٽري جي سامهون مسو واهه وٽ نيشنل هائي وي تي ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ سيدپور اڏي جا نثار چاچڙ،  راحيل خواجه، صفدر علي شاھ رھواسي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پر پوليس نه پهتي جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور ٽرالر ڇڏي فرار ٿي ويو، هوڏانهن زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.