سوڀي ديري لڳ عوامي آواز جي رپورٽر جي ڀائٽي کان ڦر، احتجاج

سوڀوديرو ( ن ع  آ ) سوڀوديرو شھر جي رھواسين عوامي آواز سوڀوديرو جي رپورٽر اورنگزيب پيرزادو جي ڀائٽي جميل احمد پيرزادو ۽  شمن علي   سامٽيو احتجاج ڪندي چيو ته اسان سوڀوديرو کان محراب پور وڃي رھيا ھياسون ته ڪوٽڙي ڪبير محراب پور لنڪ روڊ تي ڪوٽڙي ڪبير پوليس پڪٽ جي ھڪ سو قدمن ڀرسان ڏينھن ڏٺي جو  ٽن نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن اسان کان ھٿيارن جي زور تي ون ٽوفاءِ موٽرسائيڪل، موبائيل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو، جنھن جي ماليت تقريبن اڍائي لک ماليت جي ڦر ڪئي، ھنن الزام ھنيو ته ڦر وقت پوليس پڪٽ جا اھلڪار تقريبن ھڪ سو قدمن لڳ موجود ھيا ۽ سڏ پنڌ تي ڪوٽڙي ڪبير ٿاڻو ھو پوليس ڪجهھ به نه ڪيو ڦورو واپس ان پوليس پڪٽ ۽ ڪوٽڙي ڪبير ٿاڻي وٽان آرام سان ڪراس ڪري ھليا ويا ڦورن جو پوليس نه پيشو ڪيو نه وري انھن ڦورن کي روڪڻ لاءِ پوليس ڪابه ڪاروائي  نه ڪئي، محسوس ائين پيو ٿئي ھٿياربندن سان پوليس ملوث ھئي، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي نوشهرو نوٽيس وٺن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.