نوابشاهه ۾ يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ، ٻوريون سياسي ڀوتارن جي بنگلن مان وڪرو

نوابشاھ (رپورٽ فياض چنڊ ڪليري) سڄي سنڌ سميت ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو پيدا ڪيل کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ تي اڃان تائين ڪو به ضابطو اچي نه سگھيو آھي يوريا ڀاڻ جي في ٻوري سرڪاري اگھه 1768 روپيا بدران نوابشاھ جي با اثر ڊيلرن وٽان مخصوص ماڻھن کي 2800 کان 3 ھزار روپيا في ٻوري تي ڏني پئي وڃي، جڏھن ته ڊپٽي ڪمشنر پاران يوريا ڀاڻ جي ورھاست جا اختيار زراعت کاتي کان واپس وٺي روينيو جي نوازيل تپيدارن حوالي ڪرڻ کانپوءِ ضلعي جي سياسي ڀوتارن ۽ وڏيرن جي حويلين زرعي فارمن ۽ بنگلن تي موڪليو پيو وڃي ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ 3 لک 20 ھزار ايڪڙن تي پوکيل ڪمند جي فصل کي وقت سر يوريا ڀاڻ نه ملڻ سبب زرعي ڄاڻو ماڻھن جو چوڻ آھي ته ھيل ڪڻڪ جي پيداوار 50 کان 60 سيڪڙو مشڪل سان لھندي جنھن سان ننڍي ۽ غريب آبادگار جو في ايڪڙ تي 40 کان 42 ھزار روپيا ڪيل خرچ به نه نڪري سگھندو ۽ ڪڻڪ جو فصل لھڻ بعد ضلعي ۾ سنڌ سميت اٽي جو پڻ بحران پيدا ٿيندو ۽ ڪڻڪ جو اٽو غريب ۽ پورھيت طبقي لاءِ خريد ڪرڻ ممڪن نہ رھندو واضح رھي تہ ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ يوريا ڀاڻ جي ڪيل ھٿرادو کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ خلاف آبادگار تنظيمن ۽ سياسي تنظيمن طرفان احتجاجي مظاھرا ڪرڻ ۽ جسقم جي 5 ڪارڪنن پاران ڇھن ڏينھن تائين ڪيل بُک ھڙتال جو به ضلعي جي بيحس ڪامورن توڙي چونڊيل نمائندن تي ڪو به اثر نه پيو آھي ھتان جي ساڃاھ وندن، سول سوسائٽي ۽ آبادگار اڳواڻن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڀاڻ جي بحران ھٿرادو پيدا ڪيل کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ واري معاملي جو فوري طور نوٽيس وٺي انھي چور بازاري ۾ ملوث ڪامورن با اثرن ڊيلرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ننڍن آبادگارن ۽ ھارين کي يوريا ڀاڻ جي سرڪاري اگھه تي فراھمي يقيني ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.