ايس ٽي پي پورهيتن جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ جاکوڙي رهي آهي: قادر مگسي

حيدرآباد (پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي  ترقي پسند ھائوس حيدرآباد تي ڪئناڊا، آمريڪا ۽ يو اي ئي مان آيل سنڌين جي وفد آجياڻو ڏنو ويو. آيل وفد ۾ اشفاق ميمڻ، اسحاق تنيو، علي ممتاز شر، رضا گھلو، يوسف ڪلھوڙو شبير سڌايو مختيار احمد،  جنيد ميمڻ ۽ ٻيا شامل ھئا ان موقعي تي آجياڻي کي خطابي ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي  چيو آھي ته  سنڌ جي غلامي ۽ ذلتن جون ذميوار ٽي وڏيون قوتون آهن. جن سنڌ کي بدترين غلامي جي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. انهن پهرين نمبر تي سنڌ جو جاگيردار پير مير ۽ وڏيرو آهي. سنڌ جو ٻئي دشمن قوت نسل پرست قوتون آهن، هن چيو ته سنڌ جي ٽين دشمن قوت رياست ۽ اسلام آباد جي اسٽبليشمينٽ آهي جيڪا مسلسل سنڌ خلاف سازشون ڪري جاگيردار سياست نسل پرست سياست کي سگهھ بخشي ٿي. هن چيو ته پ پ ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جاگيردار نمائندن جون پارٽيون آهن. جيڪي ڪڏهن به سنڌ جون سڄڻ نه ٿيون ٿي سگهن. هن چيو ته ايس ٽي پي سنڌ جي غريب پورهيتن جي نجات ۽ عزت آجپي ۽ خوشحالي لاءِ جاکوڙي رهي آهي. ايس ٽي پي سنڌ ماڻهن جي اميد آهي ۽ سچ جي چٽي واٽ تي آهي. اسان کي يقين آهي ته ايس ٽي پي تي سنڌي ماڻهن کي نجات جي منزل تائين پهچائيندي.. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ گلزار سومرو، عاشق سولنگي، اعجاز سنڌي، ذوالفقار ھاليپوٽو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.