حيدرآباد ريجن جي اي ايس آئيز کي ترقيون ڏيڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري

حيدرآباد(رپورٽر) ڊي آء جي حيدرآباد پوليس پير محمد شاهه حيدرآباد رينج جي 89 موسٽ سينيئر تصديق ٿيل اي ايس آئيز جي پروموشن لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، حيدرآباد رينج جي مختلف ضلعن جي اي ايس آئيز کي سب انسپيڪٽر جي عهدن تي ترقيون ڏنيون ويون آهن. 23 ڊسمبر 2021ع تي پوليس هيڊ ڪوارٽر حيدرآباد ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج جي صدارت هيٺ حيدرآباد رينج جي مختلف ضلعن مان 120 سڀ کان وڌيڪ سينيئر تصديق ٿيل اي ايس آءِ جي ڊپارٽمينٽل ترقيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊي پي سي (ڊپارٽمينٽل پروموشن) ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. ڄاڻايل 120 اي ايس آءِ ڪيسن جي سروس بڪ ۽ سروس رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ قابليت ۽ معيار تي پورو لهندڙ بهترين سروس بڪ ۽ سروس رڪارڊ مليا، جن مان 89 اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرن کي سب انسپيڪٽر آف پوليس (BPS14) جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. جاري ڪيل لسٽ ۾ 89 پوليس آفيسرن جي نالن ۽ ضلعن جي فهرست آهي جن کي ڊي پي سي ڪميٽي پاران سينيارٽي ۽ خالص ميرٽ تي سب انسپيڪٽر آف پوليس جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. جاري ڪيل لسٽ ۾ 30 اي ايس آءِ جا پروموشن مختلف سببن جي ڪري ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي پاران منظور نه ڪيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.